17 ہفتہ , نومبر 2018

حمزه شهباز پيءُ جو ڏک پنجاب اسيمبلي ۾ نه ملهائي: فياض الحسن

لاهور(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا جون اخبارون نواز شريف ۽ شهباز شريف کي ڪرپٽ چئي رهيون آهن، حمزه شهباز اسيمبلي هال ۾ اچي، پيءُ جو ڏک پنجاب اسيمبلي ۾ نه ملهائي. تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌُ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو ته حمزه شهباز هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني قوم کي ڌوکو ڏئي ويو، 16 آڪٽوبر تي پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ غنڊا گردي ڪئي، سڀني ڏٺو ته ڪهڙي ريت سيڪٽري اسيمبلي کي زخمي ڪيو ويو. سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته مخالف ڌر اسپيڪر پرويز الاهي جي مائيڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ به ڪوشش ڪئي، پنجاب اسيمبلي ۾ 6 ميمبرن تي پابندي لڳائي وئي، ن ليگ دور ۾ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن تي پابدني لڳي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر اسان جو مان آهي، اسان جي ووٽن سان چونڊيو عزت ڏيڻي پوندي، حيرت آهي ته حمزه شهباز چي رهيو آهي ته پهرين ائين ناهي ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Quaidabad blast: case registered against unknown suspects

ڪراچي: قائد آباد ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قائد آباد ۾ ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے