18 اتوار , نومبر 2018

جنهن ملڪ جو مال ڦريو ان کي حساب ڏيڻو پوندو: عليم خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) صوبائي مڪاني ادارن واري وزير عليم خان جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت 80 ارب رپين جا چيڪ بائونس ڪرائي ويٺي آهي. تفصيل موجب لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي مڪاني ادارن واري وزير عليم خان چيو ته پيراگون اسڪينڊل جو ذميوار ڪير آهي، اڄ ڇا جو روئڻ آهي. عليم خان چيو ته احتجاج ڪيو ڪنٽينر اسان ڏينداسين، اڍ ڪلاڪ احتجاج بعد توهان ڀڄي ويندا، اسان 126 ڏينهن ڌرڻو هنيو، هنن اسان جو پاڻي به روڪي ڇڏيو هو. هن چيو ته اچو ته احتجاج ڪيون، پاڻي به ڏيدناسين ۽ کاڌو به ڏينداسين، اڄ اڌ ڪلاڪ جو احتجاج ڪيو ۽ ڀڄي ويا.  هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر ۾ رهي 10 سالن تائين حڪومت جو مقابلو ڪيو، ڪالهه جنهن هائوسنگ سوسائٽي جو نالو ورتو منهنجو ان سان ڪو به تعلق ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين پاڪستان جي نالي تي پراڻي پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جورستو روڪينداسين: بلاول

گلگت( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے