17 جمعرات , جنوری 2019

ننديپور مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ نيب طرفان چيني ڪمپني جي آفيسر کان پڇا ڳاڇا

لاهور(ويب ڊيسڪ) نندي پور پاور پراجيڪٽ مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ نيب پاڪستنانين کان پوءِ چيني آفيسرن کي به طلب ڪري پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي. نيب ذريعن موجب نندي پور پاور پراجيڪٽ ۾ سهڪار ڪندڙ چيني ڪمپني جو آفيسر زنگ ينگ فو نيب جي 3 رڪني جاچ ڪميٽي جي آڏو پيش ٿيو جتي زنگ ينگ فو سان ندني پور پاور پراجيڪٽ جي حوالي سان سوال جواب ڪيا ويا. ذريعن ٻڌايو ته چيني ڪمپني جي آفيسر ڪجهه سوالن جا فوري جواب ڏنا ۽ ڪجهه جي لاءِ نيب کان وقت گهريو ته ايندڙ ٻڌڻي تي انهن سوالن جا جواب به تفصيل سان گڏ ڏيندس. نيب جي جاچ ٽيم زنگ ينگ فو کان ڪجهه دستاويز گڏ آڻڻ جو به چيو آهي، 525 ميگا واٽ جي پاور پلانٽ ۾ مبينا ڪرپشن تي سپريم ڪورٽ ڪيس نيب ڏانهن موڪليو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فواد چوڌري پنهنجي بيان تي گوڏا کوڙي ڇڏيا….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي بيان تي مسلم ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے