17 ہفتہ , نومبر 2018

بندوبست نه ڪيا ته پاڪستان کي پاڻي جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ بندوبست نه ڪيا ويا ته 2025ع ۾ پاڪستان کي خشڪي کي منهن ڏيڻو پوندو. ملڪ ۾ پاڻي جي بحران جي حل بابت عالمي سمپوزيم کي خطاب ڪندي چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار جو چوڻ هو ته پاڻي زندگي جي لاءِ ضروري آهي، پاڻي کان سواءِ زندگي جو وجود ناممڪن آهي. انسان خوراڪ کانسواءِ زندهه رهي سگهي ٿو پر پاڻي کان سواءِ نٿو رهي سگهي. هن چيو ته قوم پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ جيڪڏهن ان حوالي سان بندوبست نه ڪيا ويا ته 2025ع ۾ پاڪستان کي خشڪ سالي کي منهن ڏيڻو پوندو، پاڻي جا وسيلا خطرناڪ حد تائين ختم ٿي رهيا آهن. ان ڪري پاڻي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ فوري طور تي بندوبست ڪرڻ پوندا. چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته پاڻي جي گهٽتائي ختم ڪرڻ لاءِ وسيلا پيدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ملڪي معيشت جو وڏو دارومدار درياهن ۽ نهري نظام تي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ ڊيمن جي تعمير لاءِ سيڙپ ناهي پر وڏن ڊيمن جي تعمير لاءِ فنڊ قائم ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يوٽرن وارو بيان: صدرکانپوءِ  گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم جي بيان جو دفاع ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے