17 ہفتہ , نومبر 2018

نئين ميڊيا قانون سان ڪوڙين خبرن کي ختم ڪنداسين: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پيمرا جي جاءِ تي نئين ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي بڻائي رهيا آهيون. سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) کي ختم رڪي نئون ادارو قائم ڪيو پيو وڃي. ان مقصد جي لاءِ قانون جو ابتدائي مسودو تيار ڪري لاڳاپين ماڻهن ۽ ادارن ڏانهن موڪليو ويو آهي جيئن هو پنهنجون تجويزون ڏئي سگهن. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته حڪومت سمورن قسمن جي ميڊيا جي نگراني ڪندي، نئين قانون جي تحت ڪير به ڪنهن به حد تائين نٿو وڃي سگهي. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جو چوڻ هو ته حڪومت ميڊيا تي ڪا به پابندي نٿي لڳائي سگهي، جمهوري نظام ۾ ميڊيا آزاد ئي هوندي آهي. سينيٽر فيصل جاويد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مملڪتي وزير شهريار آفريدي بابت هڪ ٽيليويزن چينل تي ڪوڙي خبر هلائي هئر پر پيمرا ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان اهڙي حرڪت تي چينل کي 10 منٽن جي لاءِ بند ڪري سگهو ٿا؟ جنهن تي چيئرمين پيمرا چيو ته اسان چينل کي بند نٿا ڪري سگهون، 10 لک رپيا ڏنڊ مڙهي سگهون ٿا. انفارميشن جي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته مستقبل ۾ ٽيليويزن جا اشتهار وزارت جي منظوري بعد نشر ڪيا ويندا هئا. هن چيو ته سڌُ سماءَ واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ نگران ڪميٽي بڻائي وئي آهي جيڪا اشتهار جي مواد جو جائزو وٺندي. اجلاس دورنا ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان جي پيروڊي هلائڻ ۽ آصف زرداري جي ڪردار ڪشي جي مذمت ڪيون ٿا، اسان کي ٽي وي چينل تي اينڪر گهرجن جج نه. معاملي جي وضاحت ڪندي سينيٽر رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته پيمرا جا هٿ قانون جي عدم مووجدگي جي ڪري ٻڌل آهن، جڏهن بيعزتي ڪئي ويندي آهي ته اُها سڀني جي هوندي آهي. اسٽيڊنگ ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر سيف جو چوڻ هو ته ڪميٽي انهن ماڻهن کي سڌو طلب ڪري ۽ انهن کان پڇا ڳاڇا ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايف بي آر جو دير سان گوشوارا جمع ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) دير سان گوشوارا جمع ڪرائيندڙن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے