21 پیر , جنوری 2019

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر جلد هڪ لک پاڪستانين کي روزگار فراهم ڪرڻ واري معاهدي تي عملدرآمد ڪندو. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان سان قطري پرڏيهي وزير عبدالرحمان ثاني ملاقات ڪئي ۽ کيس عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون. ملاقات دوران قطري پرڏيهي وزير عبدالرحمان الثاني چيو ته قطر پاڪستان جي نئين قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ امير قطر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين. ان موقعي تي وزير اعظم چيو ته قطر پاڪستان ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهي ٿو جنهن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ واڌ ٿيندي ڇو ته اِهو ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ آهي، اميد آهي ته قطر هڪ لک پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي جلد عملدرآمد ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حب ۾ مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر ، ماڻهن جي مارجي وڃڻ جو خدشو

حب (ويب ڊيسڪ) بيلا ڪراس ويجهو مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے