19 جمعہ , اپریل 2019

خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا، شدت 5.3 ريڪارڊ

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.3 ريڪارڊ ڪئي وئي. تفصيل موجب خيبر پختونخواهه جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي پيما مرڪز جي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.3 ريڪارڊ ڪئي وئي. لوڏن سبب ماڻهو خوف وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. زلزلي پيما مرڪز موجب جن ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا انهن ۾ بٽ خيله، بونير، مالاڪنڊ، دير لوئر، هري پور، چترال ۽ انهن جي ڀرپاسي وارا علائقا شال آهن. زلزلي جي اونهائي 120 ڪلو ميٽر هئي جڏهن ته ان جو مرڪز ڪوه هندوڪش تاجڪستان ۽ چين جو سرحدي علائقو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم نواز ۽ ٻين خلاف نيب راولپنڊيءَ جو هڪ وڌيڪ ڪيس تيار

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو نيب روالپنڊي نواز شريف، مريم نواز ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے