15 جمعرات , نومبر 2018

سعودي عرب قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي تصديق ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب پنهنجي استنبول قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي تصديق ڪري ڇڏي. سعودي صحافي جمال خاشقجي پنهنجي ترڪ مڱيندي سان شادي لاءِ 2 آڪٽوبر تي استنبول قونصل خاني پهتو جنهن بعد گم ٿي ويو. سعودي عرب جي پراسيڪيوٽر هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته 2 آڪٽوبر تي جڏهن خاشقجي قونصل خاني پهتو ته اتي موجود ماڻهن سان جهيڙو ٿي پيو جنهن جو نتيجو خاشقجي جي موت جي صورت ۾ نڪتو ۽ ملوث ماڻهن سندس موت تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.  مقامي ميڊيا موجب خاشقجي سان جهيڙي جو سبب نه ٻڌايو ويو آهي ۽ اهو به واضح ناهي ته خاشقجي جو مڙهه ڪٿي آهي. سعودي حڪومت پاران صحافي جي موت تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي جڏهن ته پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي. آمريڪي ميڊيا موجب واقعي بعد سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي ٻن صلاحڪارن سميت پنجن اهم شخصيتن کي عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سعودي انٽيليجنس جو نائب سربراهه به شامل آهي. واقعي ۾ 18 سعودي شهرين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي پر الزامن جي نوعيت واضح نه ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف سعودي بادشاهه سلمان انٽيليجنس جي نئين سر جوڙ جڪ لاءِ ولي عهد محمد جي سربراهيءَ ۾ وزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا هڪ مهيني ۾ رپورٽ ڏيندي.  سعودي بادشاهه ۽ ترڪ صدر ۾ فون تي رابطو به ٿيو آهي جنهن ۾ صحافي جي موت بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن، ترڪي واقعي جي جاچ بابت سموري دنيا کي آگاهه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے