15 ہفتہ , دسمبر 2018

ملڪ ۾ هلندڙ مالي بحران جو حل

عزيزالله  ٻوهيو

ملڪ جي اندر مالي ڏيوالپڻو ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، اها ڳالهه ڪا منهنجي ناهي پر ملڪ هلائيندڙ اسٽيبلشمينٽ وارن جي آهي جنهن جي تصديق ملڪ مٿان غير ملڪي مالي طاقتن جي قرضن وارين رقمن منجهان ثابت ٿئي ٿي. ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اهم نمائندي صدر ايوب ولي خان کي پاڻ وٽ گهرائي چيو هئو ته اوڀر پاڪستان جي آمدني ايتري ڪانهي جو اهو حصو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ان کي هلائڻ لاءِ اولهه پاڪستان جي پيداوار منجهان مٿس وڏو خرچ ڪرڻو پوي ٿو سو جيڪڏهن ان کي اسان جدا ڪري ڇڏيون ته اسان اولهه پاڪستان وارا ڏاڍا خوش رهنداسون ۽ مالي لحاظ سان بچت وارين بجيٽن سبب وڏي ترقي ڪنداسون.ايتري ڳالهه کان پوءِ ولي خان صدر ايوب کي چيو، تون ته مون کي پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ پاڻ وٽ گهرايو آهي سو ملڪ  کي ٽوڙڻ جي انهيءَ اسڪيم ۾ آئون توهان جي ڪا به مدد ڪو نه ڪندس.

اها ڳالهه ولي خان سپريم ڪورٽ اڳيان ڏنل پنهنجي بيان ۾ آندي آهي جيڪو ڪتابي شڪل ۾ ان وقت ان ڇپرايو هئو. ولي خان چيو ته مون صدر ايوب جي ان ملاقات ۾ سندس تجويز جي مخالفت ڪئي ٻن اڍائي هفتن کان پوءِ اخبارن ۾ مون ذوالفقار علي ڀٽي جو هڪ بيان پڙهيو ته اوڀر پاڪستان، اولهه پاڪستان مٿان معاشي ٻوجهه آهي سو جيڪڏهن اسان ان کي جدا ڪري ڇڏينداسون ته اولهه پاڪستان وڏي مالي خساري کان بچي ويندو. ڀٽي جو اهو بيان اخبار ۾ پڙهي مون کي پڪ ٿي ته هيءَ ڳالهه اها آهي جيڪا مون کي صدر ايوب چئي هئي ۽ منهنجي ساٿ ڏيڻ کان انڪار کان پوءِ هنن اهو ڪم مون بدران ڀٽي کان وٺڻ چاهيو آهي ۽ ان هنن سان ساٿ ڏيڻ جي پڪ ڏني آهي.

بهرحال اوڀر پاڪستان کي جدا ڪرڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويو ۽ اولهه پاڪستان جي آسودي ۽ خوشحال ٿيڻ کان اڳي ملڪ جي ٽٽڻ ۽ ٻه اڌ ٿيڻ جي سببن جي ڄاڻ لاءِ سرڪار حمود الرحمان ڪميشن قائم ڪئي ته جاچ ڪئي وڃي ته هي ملڪ ڇو ٽٽو ۽ ڪيئن ٽٽو. ان تي ڪميشن اٿارٽيءَ سڄي ملڪ جي دانشورن کان رپورٽون گهريون ته هر هڪ پنهنجي ڄاڻ مطابق اسان کي معلومات لکي ڏئي ته پاڪستان ٻه اڌ ڇو ٿيو؟ ملڪ جي ڪيترن ئي ڏاهن پنهنجيون سوچون لکي موڪليون ۽ حمود الرحمان ڪميشن کي پنهنجي رپورٽ ماڻهن جي موڪليل راين جي روشني ۾ تيار ڪئي پر سرڪار ان رپورٽ کي گم ڪري ڇڏيو ۽ عوام جي سامهون نه آندو ان سرڪاري عمل تي افسوس ضرور ٿيو پوءِ منهنجي هڪ دوست ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال مرحوم به ڪميشن کي پنهنجي هڪ راءِ لکي موڪلي هئي سو مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته مهرباني ڪري اوهان پنهنجي موڪليل تجزياتي رپورٽ اسان کي ٻڌايو جنهن تي ان چيو ته مون ملڪ جي چوويهن سالن جي سالانه بجيٽن جو موازنو ٺاهيو هئو جنهن ۾ سول عوام لاءِ چوويهن بجيٽن جو ٽوٽل ڪيو هئو ۽ انهن پئسن منجهان ملڪ جي جيتري ترقي ۽ ڊولپمينٽ ٿي هئي ان جو تفصيل لکيو هئو ٻئي طرف ملڪ جي چوويهه سالن جي دفاعي بجيٽن جو به مون هڪ اندازي مطابق ٽوٽل ٺاهيو هئو پوءِ عوامي بجيٽن جي پئسن جي مقابلي ۾ دفاعي بجيٽن جي رڳو ٽن چئن سالن جي رقم اولهه اوڀر حصن مٿان خرچ ڪئي وڃي ها ته سارو ملڪ روڊ رستا ۽ ڪارخانن سان ڀرجي وڃي ها پر پبلڪ جا سڀ ماڻهو ڪارن، بنگلن جا مالڪ ٿي وڃن ها ۽ ايڏي وڏي خوشحالي ٿي وڃي ها جو ڪنهن به صوبي جي عوام کي محروميءَ جي شڪايت نه ٿئي ها ۽ گڏيل خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ سبب پاڻ ۾ نفرتون ئي نه ٿي سگهن ها ۽ محبتن جي سماج ۾ ملڪ سان ماڻهن جون ايتريون ته محبتون ٿين ها جو ملڪ جو هڪ هڪ شهري سئو سئو سپاهين کان وڌيڪ ملڪ جي لاءِ مليٽريءَ جو ڪم ڏئي ها.

اسان نفرتن جا ماريل آهيون خود اوڀر پاڪستان جي ٽٽڻ جو سبب به نفرتون آهن ۽ ان جي معاشي بدحالي نه هئي جيڪڏهن اوڀر پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ان جي استادن جي چوڻ مطابق معاشي لحاظ سان اولهه مٿان ٻوجهه هجي ها ته هن وقت اولهه جي مقابلي ۾ وڌيڪ خوش حال نه هجي ها.

بهرحال منهنجي هن مضمون جو موضوع ملڪ جي مالي بحران جو حل عرض ڪرڻ آهي اهو مشورو خاص هن ڪري به ته هي ملڪ پاڪستان اسلام اسلام جا نعرا به هڻندو ۽ هڻائيندو رهي ٿو سو عرض آهي ته ذاتي ملڪيت رکڻ مٿان بندش وڌي وڃي پوءِ اهڙي سماج ۾ چوري ڇو ٿيندي زوري ڇو ٿيندي رشوت ڇو ٿيندي؟ هر ڪمائيندڙ جي آمدني سندس جند آل اولاد جي خرچن کان واڌو رياست جي ٿيندي رياست ابي امان مثل هوندي جنهن جي ذميواري ۾ رعيت جي هر هڪ فرد کي مفت تعليم، مفت علاج، مفت کاڌ خوراڪ ۽ راشن به مفت، بئنڪنگ سسٽم بند صرف هڪڙي بئنڪ رياستي ناڻي نالي هوندي جنهن ۾ به پرائيويٽ ماڻهن لاءِ اڪائونٽ کولڻ بند، سون سرڪاري ملڪيت ۾ هوندو، ذاتي ملڪيت ۾ ڪير به رکي نه سگهندو، زيور به نه ٺهرائي سگهندو پوءِ ٻڌايو وڃي ته ڪير چوريون، ڌاڙا، رشوتون وٺي به ڦريل مال ڪاڏي ڪندو، ڪيئن لڪائيندو.

آئون اهڙين سڀن ڳالهين جي ثبوت لاءِ قرآن حڪيم منجهان حوالا ڏيئي ڪيئي، ڪتاب لکي چڪو  آهيان آئندي لاءِ به اهڙيون ثابتيون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان انهيءَ تفصيل کي سمجهڻ لاءِ عملي طرح سوويت يونين جو اڌ صديءَ کان وڌيڪ جو تجربو سڀن جي سامهون آهي، هيءَ جدا ڳالهه آهي ته ان کي ٽوڙڻ لاءِ عالمي سامراج وارن مسلم دنيا جي مذهبي پيشوائن کان انهن مٿان ڪفر جون فتوائون ڏيئي ۽ ان کي الله جو منڪر ڄاڻائي شڪست ڏياري.

آمريڪي صدر ٽرمپ چوي ٿو ته سعودي حڪومت کي آئون پندرهن ڏينهن ۾ ختم ڪري سگهان ٿو ۽ آ مريڪا پاڪستان کي چيو آهي ته آئون مشرق وسطيٰ جي ملڪن کي جڏهن پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجا هٿيار وڪڻڻ گهران ٿو مون کي انهن کي هٿيار وڪرو ڪرڻ کان پوءِ وڙهڻ لاءِ سپاهه به ڏيڻو آهي سو اها ڊيوٽي تنهنجي مٿان رکجي ٿي، انهيءَ ڪري ته پاڪستان جو وزيراعظم عمران خان سعودي ۾ وڃي انهن کي پڪ ڏني ته اسان توهان جي مخالفن خلاف جٿي به چوندا اتي وڃي اوهان جي حفاظت لاءِ وڙهنداسين. سو اهڙيون پاليسيون به پاڻ کي دنيا جي پاڻ ۾ وڙهندڙن لاءِ اسان پاڻ کي ڀاڙي تي سپاهه ڏيڻ جو ملڪ مشهور ڪيون ويٺا آهيون. جيڪڏهن اسان دنيا وارن جي هٿرادو دشمنن کي پاڻ ۾ وڙهڻ لاءِ ڪرايي تي پنهنجي فورس نه ڏيون ته آمريڪي سيٺين جي هٿيارن جو ڪاروبار به ٺپ ٿي ويندو. سو اسان اهڙي ڪم ۾ مذهب کي استعمال ڪيون پيا اخوان المسلمون، القاعده، شبان اسلام، طالبان، داعش وغيرهه وغيرهه.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے