17 ہفتہ , نومبر 2018

تحريڪ انصاف کي ” نئين پاڪستان“ لاءِ ڪجهه گذارشون

اطلاعن موجب تحريڪ انصاف 100 ڏينهن جي حڪومت دوران ملڪي معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ جيڪو به هوم ورڪ ڪيو هو ان تي عمل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جو هڪ اعلى سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪيئي فيصلا ڪيا ويا آهن،  ڪيترن ئي فيصلن جي منظوري ڏني وئي، جن مان ڪيئي فيصلا سڌو سنئون وفاقي اختيارن جي دائره  ڪار ۾ اچن ٿا ۽ ڪيئي فيصلا صوبن جي اختيارن هيٺ اچن ٿا جنهن ڪري وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اختيارن جي ٽڪراءَ جو امڪان آهي، هونئن به وفاقي ڪابينا جيڪي به فيصلا ڪندي ظاهر آهي اهي صوبن لاءِ ئي هوندا ۽ تنهنڪري اڻ سڌي نموني وفاقي فيصلا ضروري طور تي صوبن تي اثر انداز ٿيندا.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن جي پرڏيهي دورن گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اقتصادي رابطه ڪميٽيءَ پاران گئس جي اگهن ۾ ڪيل واڌ جي منظوري ڏني وئي. نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ويو، ملڪي ۽ معاشي صورتحال سميت 10 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. ڪراچيءَ ۽ فاٽا متعلق پڻ اهم فيصلا ڪيا ويا. وفاقي ڪابينا ڪراچيءَ جي ترقي لاءِ منصوبن جو اعلان پڻ ڪيو، جڏهن ته ان ڏس ۾ ڪراچي شهر لاءِ جن منصوبن  جو اعلان ڪيو ويو انهن منصوبن ۽ بجيٽ جي نگرانيءَ لاءِ وفاقي حڪومت پاران 6 – ميمبرن تي مشتمل اعلى اختياراتي ڪميٽي پڻ جوڙي وئي جيڪا منصوبن ۽ بجيٽ جي نگراني ڪندي.

سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌريءَ جو چوڻ هو ته ڪراچي لاءِ بڻايل اعليٰ اختياراتي ڪميٽيءَ جو سربراهه سنڌ جو گورنر ۽ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري ڪراچيءَ جو ڪمشنر صالح فاروقي هوندو. وفاقي حڪومت ۾ ڪراچيءَ کي ڀرپور نمائندگي ڏني وئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو وفاقي ميمبرن مان 6- جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي. جڏهن ته اجلاس ۾ فاٽا ريفارمز جو پڻ مڪمل طور تي جائزو ورتو ويو ۽ ان ڏس ۾ فاٽا متعلق اهم فيصلي طور تي اين ايف سي ايوارڊ مان هر صوبي جي حصي مان ٽي سيڪڙو ڪٽوتي ڪري فاٽا کي ڏيڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.

وفاقي ڪابينا جو اجلاس پنهنجي جاءِ ته هڪ اهم اجلاس هيو جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي 100 ڏينهن دوران جن منصوبن تي هوم ورڪ ڪيو هو انهن منصوبن جو نه صرف اعلان ڪيو پر انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ پڻ ڏئي ڇڏيو آهي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ جن به ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو ويو يا فيصلا ڪيا ويا انهن جا نتيجا ۽ فائدا ڪهڙا ۽ ڪڏهن نڪرندا اهو وقت ٻڌائيندو پر انهيءَ اجلاس ۾ ٻه تاثر انتهائي تلخ نموني اڀري رهيا آهن.

هڪ ته تحريڪ انصاف حڪومت صوبن جي حيثيت کي نظر انداز ڪندي، انهن جا فيصلا به وفاقي سطح تي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ٻيو ته وفاقي حڪومت ڪراچيءَ کي ڪجهه ترقياتي منصوبه ڏئي انهن جي نگرانيءَ لاءِ هڪ 6- رڪني اعلى سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن بابت اطلاعات واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته ان ۾ جيڪي به ميمبر کنيا ويا آهن انهن جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي ۽ وفاقي حڪومت ڪراچيءَ کي تمام گهڻي نمائندگي ڏني آهي، ڪراچيءَ لاءِ ترقياتي منصوبا ڏيڻ ۽ ان لاءِ ڪراچيءَ مان چونڊيل 6-ميمبرن تي مشتمل اعلى سطحي ڪميٽي جوڙڻ واري عمل مان اهو تاثر اڀري رهيو آهي ته جهڙوڪر ڪراچيءَ جو انتظامُ وفاقي سطح تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

وفاقي حڪومت جي اجلاس بعد پيدا ٿيل اهڙا ٻئي تاثر انتهائي منفي اثر ڇڏي رهيا آهن جنهن تي سنڌ حڪومت جو رد عمل سامهون آيو آهي، اطلاعات واري وزير مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي لاءِ ٽاسڪ فورس جو قيام صوبائي معاملن ۾ مداخلت آهي ۽ سنڌ جي اين ايف ايوارڊ ۾ ڪٽوتي ڪرڻ پڻ صوبائي معاملن ۽ اختيارن ۾ مداخلت آهي ڇو جو وفاق اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي ڪوٽا گهٽائي نه ٿو سگهي، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي مشاورت کانسواءِ ڪنهن به ڪٽوتيءَ جو فيصلو غير جمهوري آهي. اين ايف سي ايوارڊ جو فارمولو آئيني آهي ۽ آئين ۾ صوبائي خودمختياري جون حدون مقرر ٿيل آهن. پي ٽي آءِ آمراڻي طرز عمل ۾ واڌ نه ڪري.

وفاقي ڪابينا جي فيصلن تي سنڌ جي رد عمل بعد اها ڳالهه واضع پئي ٿئي ته تحريڪ انصاف اهڙا عمل ڪري رهي آهي جيڪي صوبن ۽ وفاق وچ ۾ هڪ ته اختيارن جي ٽڪراءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا ۽ ٻيو ته ڪراچيءَ متعلق جيڪي به فيصلا ڪيا ويا آهن انهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڪراچيءَ متعلق گذريل سمورن دورن جي “مائنڊ سيٽ” کي تسلسل ڏنو پيو وڃي ۽ “ڪراچي ۽ سنڌ” جي تاثر کي مضبوط ڪيو پيو وڃي جيڪا ڳالهه ڪنهن به طور تي نه ته پيپلز پارٽيءَ کي قبول هوندي ۽ نه ئي سنڌي عوام کي قبول هوندي.

تحريڪ انصاف جو ”ڪراچي ۽ سنڌ“ وارو ”مائنڊ سيٽ“  اهڙو ئي ”مائنڊ سيٽ“ آهي جهڙو ايم ڪيو ايم جو سنڌ بابت رهندو آيو آهي، پر تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ بعد انهيءَ ڏس ۾ جيڪا ڳالهه وڌيڪ خطرناڪ نموني سامهون ٿي آئي آهي، اُها هيءَ ته ڪراچيءَ مان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي صوبائي توڙي قومي سيٽن تي جيڪي به ميمبر چونڊجي ويا آهن، اُهي ڪير به هجن افسوس سان انهن سمورن ميمبرن جو ”مائنڊ سيٽ“ پڻ ايم ڪيو ايم جي ”مائنڊ سيٽ“ کان ڪنهن به طور تي مختلف نه آهي، حالتون اهو پيون ٻڌائين ته انهن جو ”مائنڊ سيٽ“کان وڌيڪ تلخ ۽ خطرناڪ آهي. اسان انهيءَ خيال جا آهيون ته ملڪ جي سمورن “ وفاقي ايڪن” کي نه صرف اهي سمورا حق ڏنا وڃن جيڪي ملڪي آئين انهن کي ڏئي ٿو، انهن حقن ۾ هير ڦير ڪرڻ ڪنهن به طور تي مناسب نه هوندو ۽ ٻيو ته سمورن وفاقي ايڪن جي جاگرافيائي حدن متعلق ڪنهن به عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪڏهن به مثبت نتيجا ڏئي نه سگهندي.

اسان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي فقط اها گذارش ڪنداسين ته سياسي حوالي سان وفاق ۽ صوبن وچ ۾ جيڪي دشمنيءَ وارن روين جي آڌار تي ”مائنڊ سيٽ“ ۽ ”پاليسيون“ ۽ خاص ڪري سنڌ متعلق جيڪي به نامناسب رويا قائم آهن انهن کي ختم ڪري دوستاڻن روين ۽ برابريءَ جي بنياد تي رشتن ناتن کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

ڇنڇر 20 آڪٽوبر 2018ع، 10 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے