20 منگل , نومبر 2018

پاڪستان هر فورم تي ڪشميرين جي جدوجهد کي اجاڳر ڪندو رهندو: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪشميرين جي صبر سان ڀارتي هارائجي چڪو آهي. تفصيل موجب حريت ڪانفرنس، تحريڪ حق خوداراديت جي وفد سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري سان ملاقات ڪئي. فواد چوڌري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪندي چيو ته ڪشميرين جي صبر سان ڀارتي هارائجي چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خوداراديت جو حق سڀ کان وڏو وڪيل آهي، پاڪستان هر فورم تي ڪشميرين جي جدوجهد کي اجاڳر ڪندو رهندو. حريت ڪانفرنس، تحريڪ حق خوداراديت جي وفد حڪومت طرفان ڪشميرين جي ڀرپور حمايت جي اظهار کي ساراهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے