18 جمعہ , جنوری 2019

ڊبليو ايڇ او پنجاب ۾ ايڇ آر ايڇ آبزويٽري قائم ڪندو: ياسمين راشد

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد چيو آهي ته هيومن ريسورسز جي ترقي صحت جي هدفن ۾ مددگار ثابت ٿيندي. تفصيل موجب پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد صحت واري عالمي اداري جي وفد سان ملاقات ڪئي ۽ پنجاب جي صحت کاتي کي انساني وسيلن جي ترقي جي لاءِ سهڪار جي آڇ ڪئي. عالمي شهرت يافته ڊاڪٽر ماريو رابرٽو چيو ته انساني وسيلن جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين جنهن تي ڊاڪٽر ياسمين راشد ڊبليو ايڇ او طرفان سهڪار جي آڇ کي ڀليڪار ڪيو.  ان موقعي تي پنجاب جي صحت واري وزير جو چوڻ هو ته ڊبليو ايڇ او پنجاب ۾ ايڇ آر ايڇ آبزرويٽري قائم ڪندي، هيلٿ هيومن ريسورس جي لاءِ اسٽريٽجڪ فريم ورڪ ۾ سهڪار ڪيو ويندو. ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته صحت وارو عالمي ادارو پهرين ئي پنجاب ۾ تعريف جوڳيون خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، هيومن ريسورسز جي ترقي صحت جي هدف ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم طرفان شهرين جا مسئلا اوليتي بنياد تي حل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪوتاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے