19 جمعہ , اپریل 2019

جمال خاشقجي معاملي تي سعودي عرب جي حمايت ڪندڙ ٽوئيٽر اڪائونٽ بند

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) سعودي صحافي جمال خاشقجي جي گم ٿيڻ تي جتي رياض حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، اتي ئي وري ٽوئيٽر تي اهڙا سوين اڪائونٽ هئا، جيڪي ڏينهن رات سعودي عرب جي حمايت ڪندي نظر آيا پر هاڻ اهڙن سڀني اڪائونٽن کي بند ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب سعودي حڪومت جي حمايت ڪندڙ انهن ٽوئيٽر اڪائونٽن جي آمريڪي ٽي وي چئنل ”اين بي سي“ نشاندهي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ انهن اڪائونٽن کي بند ڪيو ويو، جڏهن ته ٽوئيٽر به اڪائونٽ بند ڪرڻ جي تصديق ڪندي اها دعويٰ ڪئي آهي ته کين پڻ انهن اڪائونٽن بابت علم هو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ وڌيڪ وضاحت ڪئي ته جن اڪائونٽن ذريعي سعودي حڪومت جي حمايت ڪئي وئي اهي ”بوٽ“ اڪائونٽ هئا، جيڪي اسپيم اڪائونٽ سڏرائيندا آهن، کين هيڪر ۽ اهڙي ئي قسم جو ڪم ڪندڙ ٻيا ماڻهو هلائيندا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ناسا جي پلينٽ هنٽر 53 نوري سالن جي مفاصلي  تي زمين جيترو سيارو ڳولي ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناسا جي پلينٽ هنٽر خلائي جهاز زمين کان 53 نوري سال پري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے