18 اتوار , نومبر 2018

مڪاني ادارن واري وزير جو ڪراچي ۾ بجيل بندش تي ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني ڪراچي ۾ روزاني بجلي جي بريڪ ڊائون تي ڳڻتي جوا ظهار ڪندي چيو ته رڳو 20 ڏينهن ۾ چوٿون ڀيرو بريڪ ڊائون سمجهه کان ٻاهر آهي. مڪاني ادارن واري وزير چيو ته بجلي جي بندش جي ڪري 4 ڀيرا پاڻي جون مين لائينون ڦاٽي چڪيون آهن، سنڌ حڪومت ۽ واٽر بورڊ جي سمورين ڪاوشن تي ڪي اليڪٽرڪ پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. سعيد غني مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت ۽ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) فوري طور تي ڪي اليڪٽرڪ کان جواب طلب ڪري. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جي نااهلين جي ڪري شهر ۾ هر ڏينهن بريڪ ڊائون معمول بڻجي ويو آهي، بجلي جي بحران سان پاڻي جي فراهمي به سخت متاثر آهي. هن چيو ته بريڪ ڊائون سان ڌاٻيجي ۽ پپري سميت شهر کي پاڻي فراهم ڪندڙ سموريون پمپنگ اسٽيشنون بند ٿي ويون آهن، ڪروڙين گيلن پاڻي جي فراهمي جي بندش سان عوام کي سخت اذيت کي منهن ڏيڻو پيو پوي. رڳو 20 ڏينهن ۾ چوٿون ڀيرو بريڪ ڊائون سان 4 ڀيرا پاڻي جي مين لائن ڦاٽي چڪي آهي، ڌاٻيجي ۽ پپري تي 2 هيوي موٽر بجلي جي اوچتو بند ٿيڻ سبب سڙي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ ۾ قبرستان جهڙي خاموشي اختيار ڪئي ته ملڪ نه هلندو: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے