21 پیر , جنوری 2019

ڀاشا ڊيم قومي معاملو آهي، ڪالا باغ جيان سياست جي ور چڙهڻ نه ڏبو: حمزه شهباز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزه شهباز شريف چيو آهي ته ديامر ڀاشا ڊيم قومي معاملو آهي، ڪالا باغ جيان سياست جي ور نه چڙهڻ گهرجي، پاڪستان ۽ ذمين جي معاملي تي اسان سڀ گڏ آهيون. اها ڳالهه هن اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي واٽر سمپوزيم ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. حمزه شهباز شريف چيو ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ديامر ڀاشا ڊيم جي 48 هزار ايڪڙ زمين خريدي ڀاشا ڊيم مان 16 هزار ميگا واٽ بجلي بڻجندي جڏهن ته ڊيم 12 ارب ڊالرن جو منصوبو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪالا باغ ڊيم سياست جي ور چڙهي ويو، ڪالا باغ بڻجي وڃي ها ته سستي بجلي پيدا ٿئي ها، دشمن ملڪ چوي ٿو ته پاڪستان اُڃ مارينداسين، دشمن سمجهي وٺي ته پاڪستان ۽ ڊيمن جي معاملي تي اسان سڀ گڏ آهيون، سپريم ڪورٽ جو ڊيمن جي تعمير وارو قدم تعريف جوڳو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپال ۾ جهنگلي هاٿي عورت کي ماري وڌو

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ هڪ هاٿي عورت کي سندس گهر سامهون ئي ماري ڇڏيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے