17 ہفتہ , نومبر 2018

پاڻي جي ذريعن کي وڌائڻ لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته منهنجي سدائين هڪ سوچ ۽ ڪوشش رهي آهي ته جڏهن به الله موقعو ڏنو بنيادي حقن جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس ۽ پاڪستان جي آئين تحت عدليا شهرين جي بنيادي حقن جي ضامن آهي. واٽر سيمپوزيم کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته 40 سالن تائين پاڻي جي مسئلي تي خاطر خواهه ڪم نه ڪيو ويو، جيڪڏهن پاڻي نه ملندو ته اسان جي زندگي ختم ٿيندي ويندي ۽ مان پنهنجي ٻارن کي پنهنجي هٿن سان ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان. هن زور ڀريو ته پاڻي جي ذريعن کي وڌائڻ لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، آرٽيڪل 199 ۾ عدليا جي ذميواري ۾ شامل آهي ته بنيادي حقن جي عملداري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. چيف جسٽس واضح ڪيو ته آرٽيڪل 184 تحت جتي به بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ٿيندي ته سپريم ڪورٽ بنا ڪنهن رنڊڪ جي انساني حق لاڳو ڪرڻ ۾ اڳتي وڌندي، الله پاڪ پاڪستان کي بي شمار نعمتن سان نوازيو آهي ۽ عوام کي علم هجڻ گهرجي ته انهن جا بنيادي حق ڪهڙا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايف بي آر جو دير سان گوشوارا جمع ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) دير سان گوشوارا جمع ڪرائيندڙن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے