15 جمعرات , نومبر 2018

جمال خاشقجي جي قتل تي وضاحت ناڪافي آهي: جرمن چانسلر

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمن چانسلر انجيلا مرڪل سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. مرڪل رياض حڪومت طرفان استنبول ۾ موجود سعودي قونصل خاني ۾ جمال خاشقجي جي قتل واري واقعي جي وضاحت کي ”ناڪافي“ قرار ڏنو آهي. جرمن چانسلر انجيلا مرڪل ۽ جرمن پرڏيهي وزير هائيڪو ماس پنهنجي گڏيل بيان ۾ رياض حڪومت کان جمال خاشقجي معاملي تي شفاف تفصيل ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. انجيلا مرڪل سعودي صحافي جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ذميوارن کي جواب ڏيڻو پوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے