15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز | کوسڪي ۾ پوليس جو ڳوٺاڻن سان ويل ، رهواسي روڊن تي اچي ڪيا ڪهڙا مطالبا؟

کوسڪي ۾ ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺاڻن پاران پوليس جي مبينا ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ حاجي علي محمد لنڊ واسي انور، اقبال ۽ عبدالغني سميت ڳوٺاڻن ۽ عورتن کوسڪي پوليس خلاف احتجاج ڪيو.

هنن الزام هنيو ته پورهيو ڪندڙ اسماعيل لنڊ، جميل، عبدالحڪيم کي کوسڪي پوليس بنا جواز گرفتار ڪري مٿن تشدد ڪيو، ۽ هو گرفتار ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ  ٿاڻي تي ويا کين ڌڙڪا ڏئي واپس اماڻيو ويو.

هنن الزام هنيو ته  اڳ به کوسڪي پوليس سندن ماڻهون بيگناهه گرفتار ڪري پنجاھ هزار رپيا رشوت وٺي پوءِ واپس ڏنا آهن ۽ هاڻي به کين بااثرن جي چرچ تي بيگناھ لاڪپ رکيو ويو آهي.

ٻڍڙي عورت حوا چتاءُ ڏنو ته سندس پٽ  آزاد نه ڪيا ويا هو کوسڪي ٿاڻي آڏو باهه ڏئي ساڙيندي.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي کوسڪي پوليس انچارج ديدار سمون ٻڌايو ته هنن ڪنهن  به ماڻهو کي گرفتار ناهي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے