17 ہفتہ , نومبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ 8 ڪشميرين کي  شهيد ڪري ڇڏيو

Kashmir: 3 militants killed, 2 jawans injured in ongoing encounter

سرينگر ( ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪلگام ۾ قابض ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 8 ڪشميري شهيد ٿي ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج ضلعي ڪلگام جي علائقي لارو ۾ احتجاج دوران فائرنگ ڪري 3 ڪشميرن کي شهيد ڪيو. ڀارتي ظلمن خلاف ماڻهو احتجاج لاءِ روڊن تي نڪري آيا، ان موقعي ت فورسز جي فائرنگ جي نتيجي ۾ احتجاج ڪندڙ ڪيئي ڪشميري زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 5 ڄڻن زخمن جي سور نه سهندي دم ڏنو. جنهن کانپوءِ شهيد ٿيندڙن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو. ڪاروائي ۾ ڀارتي فوج جي 2 اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جي دعويٰ به ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي قابض انتظاميا ڪلگام ضلعي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته انٽرنيٽ سروس پڻ معطل ڪئي وئي آهي. ٻه ڏينهن اڳ قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري 4 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو هو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري جهاز جو استعمال: حڪومت پاران مريم خلاف نيب کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے