17 ہفتہ , نومبر 2018

ڏهرڪيءَ ۾ شاگرد سان فحش حرڪتن جو افسوسناڪ واقعو….

اطلاعن موجب ڏهرڪيءَ ۾ هڪ نجي اسڪول ۾ اسڪول جي ماستر چوٿين ڪلاس جي هڪ شاگرد کي ورغلائي ساڻس فحش حرڪتون ڪيون ۽ انهن جي وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪري ڇڏي، سوشل ميڊيا تي فحش حرڪتن جي وڊيو اپ لوڊ ٿيڻ بعد متاثر شاگرد اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. جڏهن ته واقعي جي عام ٿيڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪندي واقعي ۾ ملوث ٻن ماسترن کي گرفتار ڪري ورتو، واقعي جو مک جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، نينگر جي ڀاءُ جي چوڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. شروعاتي تفتيش موجب اهڙين ڪڍين حرڪتن ۾ نه صرف مذڪوره اسڪول جا ماستر ملوث آهن پر اهڙين ڪڌين حرڪتن ۾ شهر جي ٻين اسڪولن جا ماستر ملوث آهن. جيڪي هڪ گروهه جي صورت ۾ ڪارروايون ڪندا رهن ٿا، پوليس متاثر شاگرد جي ڀاءُ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ بعد گروهه جي سمورن ميمبرن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي. متاثر شاگرد جي عمر 10 سال ٻڌائي وڃي ٿي ۽ هو چوٿين ڪلاس جو شاگرد آهي.

ڏهرڪيءَ ۾ پيش آيل اهڙو واقعو پندرنهن ڏينهن اڳ جو آهي جنهن جو فوري طور تي منفي اثر اهو ٿيو آهي ته متاثر شاگرد اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ انهيءَ بعد اڪثر شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين پنهنجن ٻارن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اسڪول ۾ حاضري وڃي ٻڙيءَ تي پهتي آهي، واقعي جي عام ٿيڻ بعد ان جو منفي اثر سموري ڏهرڪي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ڏسڻ ۾ آيو جنهن جي نتيجي ۾ اڪثر والدين پنهنجن ٻارن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، انهيءَ واقعي سبب نه فقط اهو اسڪول بند ٿيو آهي جتي واقعو پيش آيو آهي پر ان سان گڏوگڏ ٻين ڪيترن ئي اسڪولن ۾ شاگردن جي حاضري گهٽجي وئي آهي.

ڏهرڪيءَ ۾ معصوم شاگرد سان ٿيل فحش حرڪتن جو واقعو ڪو اڪيلو واقعو نه آهي، پر سنڌ جي اڪثر اسڪولن ۾ اهڙا وقعا پيش ٿيندا رهن ٿا پوءِ ڀل اهي نجي هجن يا سرڪاري هجن، هي ته هڪ ننڍڙو نجي اسڪول آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ يونيورسٽيءَ جي هڪ شاگردياڻيءَ کي جنسي طور هراسان ڪرڻ جو واقعو پيش آيو آهي جنهن خلاف مهينن تائين احتجاجي تحريڪ هلي ۽ نتيجي ۾ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ۽ انگلش ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر کي معطل ڪيو ويو، تڏهن وڃي احتجاجي تحريڪ ختم ٿي.

سنڌ اهو بدنصيب پرڳڻو آهي جتي سماج ۾ اخلاقي معيار انتهائي تيزيءَ سان ڪري رهيا آهن جنهن ڪري سمورو سماج جهڙوڪر ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي رهيو آهي، مجموعي طور تي معاشرو هجي، يا وري انفرادي طور تي اسڪول هجن، ڪاليج هجن، يونيورسٽيون هجن، يا وري مذهبي تعليم ڏيندڙ مذهبي مدرسا هجن، آفيسون هجن، شيلٽر هائوس هجن، دارالامان هجن جتي ڪٿي ٻارن ۽ عورتن سان جنسي طور تي بدسلوڪي، کين جنسي طور تي هراسان ڪرڻ، زيادتين جو نشانو بنائڻ سميت ڪيئي صورتن ۾ کين قتل ڪرڻ جا واقعا پڻ پيش ايندا رهيا آهن. سماج ۾ اهڙي صورتحال مجموعي طور تي انتهائي ڏکوئيندڙ آهي جنهن طرف سماج جي سڌاري لاءِ سوچ ويچار ڪندڙ ماڻهن ۽ تنظيمن کي فوري طور تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي نه فقط ايترو پر حڪومتي سطح تي اهڙي قسم جي قانون سازي ڪرڻ جي پڻ سخت ضرورت آهي جيڪا اهڙن اخلاق سوز ۽ اذيتناڪ واقعن کي روڪي سگهي،

معاشري ۾ جيستائين اهڙن واقعن جي روڪ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪجهه ٿئي ان کان اڳ اسان سنڌ حڪومت کي انهيءَ واقعي جو نوٽس وٺي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سمورن نجي اسڪولن جي مالڪن ۽ استادن جي سماجي سرگرمين ۽ اخلاقي قدرن جو رڪارڊ طلب ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙن اسڪولن ۽ ملوث اسٽاف ميمبر يا ملوث استاد خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ضرورت پوي ته اسڪولن جي رجسٽريشن پڻ معطل يا ختم ڪئي وڃي. جتي معصوم ٻارن کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ ۽ ساڻن فحش حرڪتون ڪرڻ جو ڪو هڪ به واقعو پيش آيو هُجي، ان سان گڏوگڏ سنڌ جي سمورن سرڪاري گرلز ۽ بوائز اسڪولن جي اسٽاف ۽ استادن جو پڻ اهڙي نموني جائزو ورتو وڃي ۽ اهڙن استادن ۽ اسٽاف ميمبرن جن جا اخلاقي قدر شڪي ۽ سماج ۾ سٺي ساک رکندڙ نه هجن انهن خلاف پڻ فوري طور تي ڪارروايون ڪيون وڃن ته جيئن تعليمي ادارن جو ماحول بااخلاق ٿي سگهي.

دنيا جي ڪنهن به معاشري ۾ والدين پنهنجن ٻارن کي انهن اسڪولن ۾ ته پڙهائڻ پسند ڪندا آهن جتي تعليمي معيار ڪو گهڻو بهتر نه هوندو آهي پر انهن تعليمي ادارن ۾ هرگز داخل نه ڪرائيندا آهن جتي کين شڪ هجي ته ان اسڪول ۾ ڪي بداخلاق ماستر موجود آهن. اسين سمجهون ٿا ته ڏهرڪيءَ جي هڪ نجي اسڪول جي ڪجهه استادن جي اهڙي ڪڌي عمل ڪري يقينن سوين ٻارن جو تعليمي مستقبل تباهه ٿي ويندو، تنهنڪري اها حڪومت جي پهرين ذميواري آهي ته ان ڏس ۾ فور قدم کڻي ۽ تعليمي ادارن جي اخلاقي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ اپاءَ وٺي.

آچر 21 آڪٽوبر 2018ع، 11 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے