15 جمعرات , نومبر 2018

هاڻي رڪشا وارن جو چالان نه ٿيندو: امير شيخ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي پوليس امير شيخ چيو آهي ته هاڻي رڪشا وارن جو 100 کان 150 کان وڌيڪ جو چالان نه ٿيندو، ڪو رڪشا وارو چالان ڀري نه سگهيو ته مان پاڻ ڀريندس.   ڪراچي پوليس چيف چالان ٿيڻ سبب پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ رڪشا ڊرائيور جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي امير شيخ چيو ته  پابندي لڳائي هئي ته هڪ آفيسر هڪ ئي رڪشي واري جو چالان ڪري سگهي ٿو، ان جو اهو مطلب ناهي ته چالان کانپوءِ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي. هن چيو ته هڪ هفتي ۾ بائيڪ وارن خلاف ون وي کانسواءِ ڪو به چالان نه ڪيو وڃي، ڪجهه ٽريفڪ پوليس اهلڪار اهم روڊ ڇڏي سائيڊ تي بائيڪرز کي پڪڙي وٺن ٿا، ٽريفڪ پوليس اهلڪار ناانصافي ڪن ته اسان کي ٻڌايو وڃي، ڪنهن جي به ناانصافي هجي ته ڪارروائي ڪنداسين، شهري ڇو ٿا چاهين ته پوليس اهلڪار ڏنڊ کڻي بيٺل هجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے