21 اتوار , اپریل 2019

جنسي هراساني الزام: انو ملڪ کي انڊين آئيڊيل جي ايندڙ سيزن ۾ شامل نه ڪرڻ امڪان

#MeToo: Anu Malik no longer part of 'Indian Idol'ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي جي ناليواري موسيقار ۽ راڳي انو ملڪ تي به ڪيترن ئي عورتن طرفان جنسي هراساني جا الزام لڳايا ويا آهن، انهن ۾ شامل انڊين آئيڊيل جي هڪ اڳوڻي ٽيم ميمبر انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ڪيئي ٻين عورتن کي پڻ سڃاڻي ٿي جيڪي راڳي جي هوس جو نشانو بڻجي چڪيو آهن، جنهن کانپوءِ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته انو ملڪ کي انڊين آئيڊيل ۾ شامل نه ڪيو ويندو. هندوستان ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب پروڊيوسر ڊينيڪا ڊسوزا جو چوڻ آهي ته هن 2010 ۾ انو ملڪ سان گڏ هڪ ريئلٽي ٽي وي شو ۾ 1 سال تائين ڪم ڪيو هو. هن ٻڌايو ته انڊين آئيڊيل شو دوران انو ملڪ جو رويو غيراخلاقي رهيو، جنهن جي سينيئرن کي پڻ خبر هئي پر اهي اڻڄاڻ بڻيل رهيا. هن ٻڌايو ته هڪ واقعو ڪلڪتي ۾ پيش آيو جڏهن هڪ عورت ٽيم ميمبر کي ڪيمرامين ۽ انو ملڪ سان گڏ سفر ڪرڻو هو، جڏهن اها ڇوڪري واپس آئي ته تمام گهڻو ڊنل ۽ حيسيل نظر اچي رهي هئي. جنهن کانپوءِ ان ڇوڪري ٻڌايو ته انو ملڪ ڪار ۾ ساڻس پوئين سيٽ تي ويٺل هيو ۽ هن سان زبردستي ڪري رهيو هو پر اڳين سيٽ تي ويٺل ڪيمرامين ڪو به ردي عمل نه ڏيکاريو. ڊينيڪا ڊيسوزا ٻڌايو ته ان ڇوڪري واپس اچي انو ملڪ جي رويي جي باري ۾ مخصوص ماڻهن کي ٻڌايو جن ۾ ڪجهه سينيئر عورتون پڻ شامل هيون، جن کي انو ملڪ جي ڪردار جي پرک هئي، پر اهي پڻ ان معاملي تي اڻڄاڻ بڻجي ويون. ڇاڪاڻ جو سڀئي انو ملڪ جي حوالي سان ڄاڻين پيون ته هو ڪهڙي ريت پنهنجي طاقت جو استعمال ڪندو آهي، جنهن کانپوءِ انهن سڀنين انو ملڪ سان اڪيلي ۾ ملڻ کان پاسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب امڪان آهي ته انو ملڪ کي انڊين آئيڊيل جي ايندڙ نئين سيزن ۾ جج طور شامل نه ڪيو ويندو پر اڃا تائين ان حوالي سان آفيشل تفصيل ناهن ملي سگهيا. ياد رهي ته انو ملڪ تي سڀ کان اڳ جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جو الزام ڳائڻي سونا موهپاترا مڙهيو هو، جنهن کانپوءِ شوئيتا پنڊت پڻ انڪشاف ڪيو هو ته هوءَ به انو ملڪ هٿان جنسي هراساني جو شڪار ٿي چڪي آهي. انو ملڪ جنسي هراسان وارن الزام کي رد ڪندي انهن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏنو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اداڪار شان جي بالي ووڊ ڪنگ خان کي وڏي نصيحت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فلم انڊسٽري جي اداڪار شان بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے