13 منگل , نومبر 2018

نيوز : ڪراچي: گلشن اقبال ۾ ناليواري شاعر سرويچ سجاولي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب

* ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ ناليواري شاعر سرويچ سجاولي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي.

ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي نامياري اديب تاج  بلوچ چيو ته سرويچ سجاولي ڌرتي سان بيحد پيار ڪيو ان ڪري  ديس واسين  هارين، نارين، مظلومن جي دردن کي ڳايو آهي

 تاج بلوچ  چيو ته سرويچ سجاولي وطن جي چئني ڪنڊن، ٻيلن، ٻنين ۽ مهراڻ جي ٻنهي ڪنڌين کي جنت الفردوس سمجهي ٿو.

سرويچ جي تخليقي ڏات هڪ تاريخي ورثو آهي ان کي بچائڻ لاءِ گڏجڻو پوندو

 ڊاڪٽر غفور ميمڻ چيو ته لاڙ واري پٽ مان سدائين ڪلاسيڪل وزڊم سرجيو آهي سرويچ به ان ڌرتي جو شاعر آهي جڏهن سنڌ تي ڏکيو وقت آيو ۽ ديس ڌڻين سان ويساهه گهاتيون ٿيون ته هن ترقي پسند مزاحمتي شاعري ذريعي ظلم کي للڪاريو سنڌ جي تاريخ ۽ ادبي سرمائي کي ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ  ڪوششون ڪرڻيون پونديون.

 سورج سجاولي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي فخر آهي ته ڌرتي جي عظيم شاعر جي اولاد آهيون بابا جي عوامي شاعري کي پنجن وزيراعظمن پسند ڪيو ……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے