15 جمعرات , نومبر 2018

آئل ٽئنڪر مالڪن جي هڙتال، پئٽرول جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي / راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آل پاڪستان آئل ٽئنڪرز اونرز ايسوسيئيشن سڄي ملڪ ۾ پئٽروليم شين جي فراهمي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. آل ٽئنڪر اونرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ شمس شاهواڻي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان حڪومت سامهون ڪيترائي مطالبا رکيا ۽ ٻڌايو ته پراڻي ماڊل جي آئل ٽئنڪرز تي پابندي معاشي قتل برابر آهي. هن چيو ته 2010ع ماڊل جي گاڏين جي شرط سان آئل ٽئنڪرز مالڪن ۽ ڪارڪنن جي گهرن جا چلها ٿڌا ٿي ويندا پر حڪومت پاران پنجاب ۾ 600، ڪي پي ۾ 300، بلوچستان جي 200 ۽ ڪراچي ۾ 700 ٽئنڪرز تي پابندي لڳائي وئي آهي. شمس شاهواڻي چيو ته حڪومت پاران اسان کي 10 ڏينهن ۾ پابندي هٽائڻ جي خاطري ڪرائي وئي پر 10 ڏينهن گذرڻ باوجود اسان جا مسئلا جيئن جو تيئن آهن تنهن ڪري اسان آچر ڏهاڙي کان اڻڄاتل مدي جي هڙتال ڪري رهيا آهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ پئٽروليم شين جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته جيٽ فيول فراهمي به بند رهندي. ٻئي طرف هڙتال جي معاملي تي آئل ٽئنڪر مالڪ ۽ آئل ڪنٽريڪٽر  ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويا آهن. آل پاڪستان ڪانٽريڪٽ آئل ٽئنڪرز ايسوسيئيشن هڙتال کان لاتعلقي ظاهر ڪندي تيل جي فراهمي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.  آل پاڪستان ڪنٽريڪٽرز ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري نعمان بٽ چيو ته سهالا آئل ڊپو اسلام آباد مان جاڙن شهرن سميت آزاد ڪشمير، گلگت، ناردرن ايرياز ۾ تيل جي فراهمي جاري رکي ويندي، مالڪن جي تنظيم جا ڪجهه نمائندا ذاتي مفادن لاءِ هڙتال ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے