18 اتوار , نومبر 2018

نرسنگ جي نصاب ۾ شگر کي مضمون طور شامل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت نرسنگ جي نصاب ۾ شگر کي مضمون طور شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزيءَ سان پکڙجندڙ مرض شگر آهي جنهن جي ڪابه نشاندهي وقت کان اڳ نه ٿي ڪري سگهجي. پاڪستان ۾ شگر جي مريضن جو غير معمولي انگ سامهون اچي رهيو آهي جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هر اسپتال ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار کان وڌيڪ مريض رابطو ڪري رهيا آهن جنهن ۾ 80 سيڪڙو تائين نوان مريض ٻڌايا پيا وڃن. ٻئي طرف سڄي دنيا ۾ بيماري بابت نوان پروگرام جوڙيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي بيماري کان بچائي سگهجي. ملڪ ۾ سرڪاري سطح تي اهو طئي ڪيو ويو آهي ته عوام کي شگر جهڙي خاموش قاتل بيماري کان محفوظ بڻائڻ لاءِ نرسنگ جون خدمتون فعال ڪيون وڃن ان جو مقصد اهو به آهي ته نرسنگ عملو 24 ڪلاڪن جي بنياد تي اسپتالن ۾ دستياب رهندو آهي جڏهن ته ڊاڪٽر هر وقت پنهنجي موجودگي يقيني نه ٿا بڻائي سگهن. سرڪاري اسپتالن ۾ نرسنگ نصاب ۾ شگر مضمون طور شامل هوندو هر نرس لاءِ شگر جو مرض پاس ڪرڻ لازمي هوندو جڏهن ته چئن سالن جي تعليم ۾ هر ڀيري شگر مضمون کي لازمي پڙهيو ۽ پڙهايو ويندو جنهن جو لکت سان گڏ عملي امتحان به ورتو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوگر کان آگاهي جو عالمي ڏينهن، پوري دنيا ۾ 42 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو مرض جو شڪار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ شوگر کان آگاهي جو عالمي ڏينهن ملهايو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے