22 جمعہ , فروری 2019

ننڍي نواب جو پٽ ابراهيم به بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيڻ لاءِ تيار

Saif Ali Khan's son Ibrahim to make Bollywood debut?ممبئي ( شوبز نيوز ) سيف علي خان جو وڏو پٽ ابراهيم علي خان به پنهنجي والد ۽ ڀيڻ سارا جيان بالي ووڊ ۾ ڪيريئر ٺاهڻ لاءِ تيارين ۾ مصروف آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب تازو ئي سيف علي خان پنهنجي نياڻي سارا سان گڏ ڪرن جوهر جي شو ”ڪافي ود ڪرن“ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي پٽ ابراهيم جي مستقبل جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ابراهيم جي خواهش آهي ته هو به هڪ ڏينهن سندس نقشي قدم تي هلندي بالي ووڊ ۾ ڪيريئر ٺاهيندو.سيف علي خان فلمي ستارن جي اولاد جي فلمي دنيا ۾ اچڻ بابت چيو ته سڀ فلمن ۾ انٽري ڏيڻ جي رٿابندي ڪندا آهن کين لڳندو آهي ته اهو تمام گهڻو آسان آهي پر مان ابراهيم کي چيو آهي ته تون فلم انڊسٽري تمام گهڻي سنجيدگي سان وٺجان ڇاڪاڻ جو تمام ٿورا ماڻهو ئي ان فيلڊ ۾ نالو ٺاهي سگهندا آهن. ان سان گڏ ئي سيف علي خان وڌيڪ چيو ته اميد ڪريان ٿو ته ابراهيم ڪنهن ٻي سٺي ملازمت جي ڳولا ڪري خوشحال زندگي گذاري مان هي والد طور سندس لاءِ پريشان رهندو آهيان ۽ هو مستقبل ۾ جيڪو به فيصلو ڪندو مان سدائين سندس ساٿ ڏيندس. سيف پنهنجي نياڻي سارا بابت چيوته سارا تمام نرم دل ۽ سادي ڇوڪري آهي مونکي مٿس فخر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻارن کي ڦڙا ڇو نه پياريا؟ فواد خان ٻڌائي ڇڏيو….

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار فواد خان ٻارن کي پوليو جي خاتمي جا ڦڙا نه پيارڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے