21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: گهارو: نوجوان ليکڪ آصف آرائين جي ڪتاب جي مهورتي تقريب

*گهاري ۾ نوجوان ليکڪ آصف آرائين جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي صحافي ۽ سماجي اڳواڻ عبدالرزاق ڪلمتي چيو آهي ته وڏيرا پنهنجي ڳوٺن جا اسڪول بند ڪري نوجوانن کي پنهنجو غلام بڻائڻ چاهن ٿا هاڻ اهو وقت ناهي رهيو جو هاري جو پٽ هاري ئي ٿئي.

 هن چيو ته آصف آرائين جي کليل ڪتاب ڪاميابي جو معراج نوجوانن ڏانهن ڪاميابي ڏانهن وڌڻ جو هڪ ذريعو  آهي، اسان جي علائقن ۾ منيشات ۽ جوا جي آزار نوجوانن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي جنهن سبب نوجوان اڳتي وڌڻ بدران ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪجي رهيا آهن .

ان موقعي تي ٽائون ڪميٽي گهارو جي وائيس چيئرمين مير بابو پنهور، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ضلعي اڳواڻ مصطفي چانڊيو، علي حسن ملاح، اياز لاشاري، سماجي اڳواڻ علم الدين رند،  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 ان موقعي تي شاگردن توڙي شاگردياڻين ڪاميابي بابت تقريرون پيش ڪيون

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے