17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز : ٽنڊوڄام: برطرف ملازمن جو انتهائي قدم، انتظاميھ پريشان

* ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام ۾ برطرف ٿيل 69 ملازمن پاران بلاجواز ۽ جبري برطرفي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام پاران واٽر ڪميشن جي چيئرمين امير هاني مسلم جي حڪم تي لوڪل گورنيمنٽ اندر ڪانٽريڪٽ ملازمن کي فارغ ڪرڻ جي حڪم بعد ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام طرفان برطرف ڪيل ملازمن شوڪت پنهور، اسماعيل ميمڻ، الطاف مڱهار، غلام حسين پسيو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ته بلا جواز نوڪرين مان جبري طور برطرف ڪري ظلم ڪيو ويو آهي.

  هنن  وڌيڪ چيو ته گورنمنٽ پاڪستان جي قانون مطابق ڪنهن به ڪانٽريٽ ملازم کي ٽن سالن بعد پڪو ڪيو ويندو آهي پر ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام پاران بنا ڪنهن اطلاع ۽ بنا ڪنهن نوٽس جي نوڪرين مان فارغ ڪري اسان جي ٻچن کي فاڪاڪشي طرف ڌڪيو پيو وڃي.

 هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت نوڪري تي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڪلين سٽي پروگرام شروع ڪري ڇڏيو

ڏھرڪي ۾ ٽائون ڪاميٽي پاران شھر اندر صفائي نھ ڪرائڻ بعد ضلعي ڪائونسل جي ميمبر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے