18 جمعہ , جنوری 2019

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورو ڪيو آهي. جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان سندس قانوني صلاحڪارن ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ خواجه حارث، اعظم نذير تارڙ، نصير بٺا ۽ اڳوڻو سيڪريٽري پراسيڪيوشن سينيٽر راڻا مقبول شامل آهن. ملاقات دوران نواز شريف خلاف احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ نيب ريفرنسز، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي خلاف اپيل کانسواءِ شهباز شريف جي گرفتاري، جاچ ۽ رمانڊ ۾ واڌ نه ٿيڻ ڏيڻ بابت مشورا ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم طرفان شهرين جا مسئلا اوليتي بنياد تي حل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪوتاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے