21 بدھ , نومبر 2018

ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ: ڪنهن ڪٿي ووٽ ڪاسٽ ڪيو؟

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ دورن ناليوارين شخصيتن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. صدر عارف علوي ڊفينس ماڊل هاءِ اسڪول ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو جتي سندس آمد جي موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾ اهلڪارن مقرر ڪيو ويو. صدر عارف علوي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان مختصر ڳالهيون ڪندي چيو ته ووٽ ڪنهن کي ڏنو اهو نه ٿو ٻڌائي سگهان پر پنهنجي پسنديده پارٽي کي ووٽ ڪاسٽ ڪيو آهي. هن چيو ته ننڍي چونڊ ۾ ووٽرز ٽرن آئوٽ گهٽ هوندو آهي، عوام کي ووٽ وجهڻ جي درخواست ڪيان ٿو. گورنر عمران اسماعيل ڊي ايڇ اي گرلز ڪاليج فيز 8 جي پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.  ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ نسرين جليل پنهنجو ووٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج زم زما ۾ ڪاسٽ ڪيو. پ پ اميدوار قيصر نظاماڻي سر سيد ميڊيڪل ڪاليج بلاڪ پنج ڪلفٽن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. پي ايس 111 تان آزاد اميدوار جبران ناصر به پنهنجي تڪ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. اداڪار عابد علي به پنهنجي راءِ جو حق ڏيڻ لاءِ گهران نڪتو ۽ هن ڊي اي ماڊل اسڪول ڊي ايڇ اي فيز ست ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے