17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪرڪيٽرن کي هراسان ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ آءِ سي سي جو اهم فيصلو

سنگاپور (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل رانديگرن جي گرائونڊ کان ٻاهر رويي کي بهتر رکڻ ۽ جونيئر رانديگرن کي جنسي هراسان ٿيڻ جي واقعن کان بچائڻ لاءِ گائيڊ لائين کي پنهنجي تربيتي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن موجب سنگاپور ۾ آءِ سي سي جي بورڊ ميٽنگ ۾ ”مي ٽو“ مهم تي به غور ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ آءِ سي سي طرفان هڪ بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته جنسي هراسان ڪرڻ جي الزامن کان بچڻ ۽ نوجوان رانديگرن کي ان جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ تربيت ڏني ويندي. ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم طرفان هڪ ايونٽ بي هيويئر اينڊ ويلفيئر پاليسي فوري طور لاڳو ڪيو ويندو، جنهن ۾ رانديگرن، انتظاميا ۽ آءِ سي سي ايونٽ جي ورڪرز کي تربيت ڏني ويندي. ان حوالي سان آءِ سي سي جي سي اي او ڊيو رچرڊسن جو چوڻ هو ته سمورن بورڊن ۽ ڪميٽين اتفاق ڪيو آهي ته راند کي محفوظ ۽ تڪرار کان پاڪ رکيو ويندو، پاليسي ۾ اهڙيون شقون شامل ڪيون وينديون، جن ۾ هراسان ٿيڻ کان بچڻ، نامناسب مشهوري ۽ ٽورنامينٽ عملي سان غير مناسب رويي سميت ٻيون ڳالهيون شامل آهن. آءِ سي سي جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بورڊ ٻارن جي حفاظت ۽ کين جنسي هراسان ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هاڻوڪي پاليسي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي گڏيل طور رضامندي ظاهر ڪئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايف بي آر جو دير سان گوشوارا جمع ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) دير سان گوشوارا جمع ڪرائيندڙن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے