17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز | سکر ۾ ميرپور ماٿيلو واسي عورتن ۽ مردن احتجاج ڪري ڪهڙا ڏيکاريا خدشا؟ ڇا پوليس به ساڻن سهڪار نه پئي ڪري؟

پريس ڪلب آڏو مير پورماٿيلو واسي بوزدار برادري جي لياقت، مائي تيگي ۽ حضوره سميت ٻين مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو.

هنن چيو ته سندن نوجوان خالد ٽن ڏينهن کان گم آهي، گهڻي ڳولا باوجود سندس ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو.

سندن چوڻ هو ته سندن برادري جي بااثر ماڻهن سان زميني تڪرار هلندڙ آهي، کين شڪ آهي ته سندن نوجوان کي بااثرن اغوا ڪرايو آهي.

هنن الزام هنيو ته پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پر ان باوجود نوجوان جي آزادي لاءِ پوليس ڪنهن به قسم جي سهڪار نٿي ڪري.

هنن ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري سندن نوجوان آزاد ڪرائي انصاف ڪري

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ڏھرڪي: لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، چئن  عورتن سميت  3 مرد زخمي

ڏھرڪي ويجهو  يو سي داد لغاري ۾ پاڻي جي معاملي تان لغاري برادري جي ٻن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے