21 بدھ , نومبر 2018

نيوز | ڇا ملڪ ۾ سول حڪومت ناهي؟ عمران خان ڪيئن بادشاھ بڻجڻ جي ڪوشش پيو ڪري، کينئل داس ڪوهستاني جو حيران ڪندڙ انڪشاف

ڪوٽڙي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي کيئل داس ڪوهستاني چيو آهي ته ڪوڙو مينڊيٽ ماڻيندڙ عمران خان سنڌين جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پناهگيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي.

نون ليگ مينارٽي ونگ سنڌ جي صدر ۽ ايم اين اي کينئل داس ڪوهستاني چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ ۾ نفرت پکيڙي رهي آهي، سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ بابت فيصل واوڊا جي بيان جي هو مذمت ڪن ٿا.

هن چيو ته عمران خان عملي ڪم ڪرڻ بدران روزانو نوان ڊراما ڪري رهيو آهي، ناڪامي لڪائڻ لاءِ ارڙهين ترميم جي خاتمي جو راڳ آلاپيو وڃي پيو.

سندس چوڻ هو ته هاڻوڪي سرڪار ۽ نيب ۾ ڳٺ جوڙ آھي، راتو رات ارب پتي ٿيندڙ ڪرپٽ ماڻهو پي ٽي آءِ جي سرڪار ۾ شامل آھن، کين ڇو نٿو قابو ڪيو وڃي، ڇا نيب رڳو شريف خاندان لاءِ ٺاهي وئي آھي؟

نون ليگ جي اقليتي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ سول حڪومت ناهي، عمران خان بادشاھ يا آمر بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي، شريف خاندان خلاف سندس سخت بيان ملڪي مفاد ۾ ناهن، عمران خان کي سنڌ خلاف ڪو به قدم کڻڻ نه ڏنو ويندو.

کينئل داس ڪوهستاني وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ ڏڪار سبب ماڻهن جي رحم جوڳي حالت آھي، پر سنڌ سرڪار ڏڪاريل ماڻهن جي سار سنڀال لهڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے