21 بدھ , نومبر 2018

موجوده نظام سان عوام جي مايوسي وڌندي پئي وڃي: سراج الحق

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته موجوده نظام سان عوام جي مايوسي ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، بلوچستان جي محرومين جو ازالو نه ڪيو ويو. قلعي سيف الله ۾ ڏکڻ بلوچستان ضلعن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت طرفان بلوچستان مان محروميون ختم ڪرڻ لاءِ ڪو انقلابي پلان نه ڏنو ويو، هيل تائين صوبي ۾ ترقي لاءِ ڪو گڏيل منصوبو ناهي ٺاهيو ويو، بلوچستان سڄي ملڪ کي گئس ڏئي رهيو آهي، بجلي جي لوڊشيڊنگ به سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ هتي وڌيڪ اهي. سندس چوڻ هو ته بدعنوان ۽ ڪرپٽ عنصر ملڪ جا ارپين رپيا لُٽي مزا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته غريب ماڻهو ٻن ويلن لاءِ پريشان آهي، ڇو ته موجوده نظام سان عوام جي مايوسي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے