20 منگل , نومبر 2018

نيوز | ٻانڌي ۾ خوفناڪ حادثو، موٽر سائيڪل سوارن سان ڇا ٿيو؟ تفصيل ڏسي اچرج ۾ پئجي ويندو

ٻانڌي ۾ ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل حادثي ۾ چاچو ۽ ڀائيٽو فوت ٿي ويا آهن.

مهراڻ هاءِ وي تي دستگير ڪاٽن فيڪٽري ڀرسان ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل حادثي ۾ چاچو ۽ ڀائيٽو فوت ٿي ويا.

حادثي ۾ فوت ٿيل جاويد ۽ سندس نوجوان ڀائيٽي رضوان آرائين جا لاش بنيادي صحت مرڪز آندا ويا، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ڳوٺ ڊاڪٽر محمد سليم چانڊيو جا رهواسي هئا، فوتي جاويد آرائين ويلڊنگ جو دڪان هلائي گذر سفر ڪندو هو.

هوڏانهن پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ تحويل ورتي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : قاضي احمد: وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، انتظاميھ خاموش

*قاضي احمد شھر  ۾  وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، ڪيترائي سفيد پوش گھراڻن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے