18 اتوار , نومبر 2018

ٿر جا مسئلا، ٿر جا وزير ۽ سنڌ سرڪار…..

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي“ وسي ته ٿر نه ته بر جو بر”، واقعي به جڏهن ٿر ۾ وسڪارو ٿيندو آهي ته ٿر جو حُسن، سونهن ۽ سوڀيا ڏسڻ جهڙي هوندي، مارو ماڻهن جا چهرا ٻهڪي پوندا آهن ۽ ڀٽون سرسبز ۽ سايون ٿي ويندون آهن ۽ ڍنڍون ڍورا ڀرجي ويندا آهن، مارو هر سنڀاريندا آهن. ٿري عوامي جي خوشيءَ جو اندازو ان وقت لڳائي سگهبو آهي جڏهن ٿر ۾ مور موج ۽ مستيءَ ۾ ناچ ڪندا آهن، تڏهن ئي چئبو آهي ٿر وٺو آهي، پر افسوس جو هاڻي ٿر ۾ مورن جو ناچ ته پري جي ڳالهه آهي، مورن جو ٽلڻ به نظر نه ٿو اچي جو ٿر ۾ مورن ۽ معصوم ٻارن ۾ موت ڪاهي پيو آهي، اڄ ٿر، بر آهي جتي فقط بک، بيماري، بي حالي، لاچاري ۽ بي وسي آهي. ٿر کي هاڻي موت ۽ بک جهڪائي وڌو آهي. ٿر ۾ ڏڪاري حالتن سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي جنهن بعد هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 36 ٿي ويو آهي، هن سال دوران فوتي ٻارڙن جو انگ 516 تائين پهچي ويو آهي.

ٿر ۾ ڏڪاري حالتون اڄ جون نه آهن، انهن جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي ۽ ٿر ۾ بيماريون به اڄ جون نه آهن انهن جي تاريخ به پراڻي آهي ظاهر آهي جتي به بک هوندي اتي بيماري ۽ موت هوندو ۽ ٿر جهڙوڪر بک ۽ موت جو گهر آهي، ٿر ۾ ڏڪاري حالتون، ٻارن جو موت ۽ بک جاري آهي، پر ان سان گڏوگڏ ٿر ۾ بک ۽ بيروگاريءَ سبب سماجي طور تي جيڪا شيءِ منفي حوالي سان وڌي رهي آهي، اها آهي ڏوهن ۾ واڌ، ٿري سماج ۾ اهي ڏوهه جيڪي ڪڏهن ٿري ماڻهن ٻڌا به نه هيا اهي هاڻي جهڙوڪر روز جو معمول بڻجي رهيا آهن،

ٿر ۾ صحت جي مسئلن جي حل لاءِ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته ٿر۾ صحت جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪوششون ڪري رهي آهي ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير ٿر جي مسئلن  جي حل بابت گڏجاڻي منعقد ڪري لاڳاپيل کاتن جي وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي ٿر جا دورا ڪري هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جون هدايتون پڻ ڪيون ۽ ان سلسلي ۾ آئون پاڻ  جائزو وٺڻ لاءِ مٺي پهتي آهيان، هُن اهڙو اظهار درٻار هال مٺي ۾ صحت بابت هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٿر جي مسئلن جي حل ۽  صحت جي حوالي سان وقتي  ۽ وڏي مدت واري  منصوبه بندي ڪري رهي آهي ۽ فوري طور تي ٿر جو ڊومسائيل رکندڙ ڊاڪٽرن کي هنگامي بنيادن تي انٽرويو ذريعي ڀرتي ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏوگڏ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ڪميونٽي مڊ وائف به جلد ڀرتي ڪيون وينديون.

ٻئي طرف پگهارون نه ملڻ ڪري مٺيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آر او پلانٽ بند ڪري ملازمن احتجاج ڪيو آهي، احتجاج ڪندڙ آپريٽرن جو چوڻ آهي ته اسان کي چئن مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، هوڏانهن مٺي ۾ امدادي ڪڻڪ جي ورهاست واري سينٽر تي ڏڪار متاثرن مٿان لٺبازي ۽ تذليل خلاف متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صوبدار قاسم اوٺو، سوڀارو، قاسم اوٺو، يامين ، منٺار اوٺو ۽ ٻين چيو ته اسان گذريل پنج ڏينهن کان دربدر ٿي رهيا آهيون، پر ڪڻڪ ملي نه سگهي آهي ۽ نتيجي ۾ لٺيون هنيون وڃن ٿيون.

هن وقت ٿر جي صورتحال انتهائي ڏکوئيندڙ آهي ڏڪر آهي، بک، بيروزگاري ۽ بيماري آهي، امداد جي نالي بکيل ٿرين جي تذليل ۽ ٻارن جو موت، ٿر مان لڏپلاڻ ۽ ڏوهن ۾ اضافو آهي، مجموعي طور تي ٿر، عمر ڪوٽ ۽ سانگهڙ هڪ اذيت جي دور مان گذري رهيو آهي، ٻئي پاسي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ٿر جي چونڊيل نمائندن، عمر ڪوٽ جي چونڊيل نمائندن ۽ سانگهڙ جي چونڊينل نمائندن جن ۾ وزير ۽ سينيٽر پڻ شامل آهن انهن جي ڪن تي جهڙوڪر جونءَ به نٿي چري، سرڪار جي نالي ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذار پيچوهو جا فقط دورا، دم دلاسا ۽ بيان هوندا آهن، باقي عملي طور تي گذريل حڪومت کي ته ڇڏيو، پيپلز پارٽيءَ جي هن حڪومت ۾ پڻ ڪجهه ٿي نه سگهيو آهي، سوال هي آهي ٿر جي اڪيچار مسئلن کي حل ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي…؟

اسين سمجهون ٿا عوام جي مسئلن جي حل ۾ جيڪڏهن دير ٿئي ٿي ته ان جو مقصد اهو سمجهڻ گهرجي ته عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ڪا دلچسپي نه آهي، اها اهڙي صورتحال آهي جنهن مان نه رڳو ٿر پر سڄي سنڌ گذري رهي آهي، روزاني جي بنياد تي اخبارن جا صفحا ۽ ميڊيا جي ڪوريج اهڙن اڪيچار رپورٽن سان ڀري پئي آهي جيڪي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪنديون آهن، پر افسوس جو انهن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ سرڪار جي سنجيدگي نظر نه ايندي آهي، ٿر جي موت ۽ بک گهر ڪري ويٺل آهن ان کان وڌيڪ صورتحال ڪهڙي سطح جي ڳنڀير ٿيندي جو سرڪار توجهه ڏيندي.

اسين هن موقعي تي سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل ادارن جي وزيرن ۽ سربراهن کي اها گذارش ڪري سگهنداسين ته سنڌ جي عوام جا مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ سنجيده ۽ مستقل بنيادن تي اپاءَ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کي دير ڪرڻ نه گهرجي.

سومر 22 آڪٽوبر 2018ع، 12 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے