21 بدھ , نومبر 2018

نواز شريف جي ڪمپني مان پگهار جو ڪو به سرٽيفڪيٽ حاصل نه ڪيو ويو: واجد ضياءُ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران آڏي پڇا ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نواز شريف ڪمپني مان پگهار نه وٺڻ جو ڪو به سرٽيفڪيٽ حاصل نه ڪيو آهي.  احتساب عدالت اسلام آباد ۾ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث کان آڏي پڇا ڪئي. خواجه حارث پڇا ڪئي ته توهان جافزا اٿارٽي کان ڪو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو ته نواز شريف پگهار ورتي آهي؟ واجد ضياءَ چيو ته مان جيڪي دستاويز پيش ڪيا آهن انهن ۾ پگهار ورتي وئي آهي. خواجه حارث سوال ڪيو ته توهان جافزا جو ٻڌايو ڇا هن کان ڪا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو ويو ته نواز شريف پگهار ورتي آهي ڇو ته توهان چيو هو ته ڪمپني جو مالڪ ملازمن کي ادائيگين بابت جافزا کي سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندو آهي، واجد ضياءَ چيو ته جافزا اٿارٽي کان اهڙو ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ورتو ويو آهي. واجد ضياءَ چيو ته اسان جي نوٽيس ۾ آيو هو ته ڪيپٽن ايف زيڊ اي جا دستاويز گڏيل عرب امارات ۾ ڪنهن قونصليٽ مان تصديق ٿيل نه آهن، درست آهي ته دستاويزن تي نواز شريف جو نالو به مختلف انداز ۾ لکيو ويو، نواز شريف جي انگريزي ۽ عربي واري نالي ۾ فرق هو، عربي واري ڪالم ۾ سمورو نالو محمد نواز شريف لکيو ويو هو. واجد ضياءَ ٻڌايو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ وقت برگيڊيئر ڪامران خورشيد جي ڪهڙي پوسٽ هئي مون کي خبر ناهي، عرفان منگي خلاف جاچ بابت خبر هئي. خواجه حارث پڇاڻو ڪيو ته العزيزيه ريفرنس ۾ توهان چيو هو ته عرفان منگي خلاف انڪوائري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪئي پئي وڃي ته واجد ضياءَ جواب ڏنو ته مون کي خبر ناهي. احتساب عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے