17 ہفتہ , نومبر 2018

سنڌ حڪومت جو بنا اجازت آن لائين ٽيڪسي سروس بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر صوبي ۾ بنا اجازت آن لائين ٽيڪسي سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير اويس شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ سيڪريٽري سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران بسن ۽ وينن ۾ لڳل سي اين جي سلينڊرز خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ آن لائين ٽيڪسي سروس کي هڪ ڀيرو ٻيهر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير پڇاڻو ڪيو ته ڪراچي ۾ ٻه ڏينهن اڳ آن لائين ٽيڪسي جو واقعو پيش آيو هو، اهو ڪيئن ٿيو؟ اويس شاهه چيو ته ڪريم ۽ اوبر ٽيڪسي سروس حڪومت کان اجازت نه گهري، کين هڪ هفتي جو وقت ڏيون ٿا، جيڪڏهن اجازت نه ورتي وئي ته انهن کي بند ڪيو ويندو. صوبائي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڪريم ۽ اوبر ٽيڪسي سروس انتظاميا کي خط لکيو وڃي، جڏهن ته بائيڪيا ۽ ڪريم موٽر بائيڪ کي به بند ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يوٽرن وارو بيان: صدرکانپوءِ  گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم جي بيان جو دفاع ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے