22 جمعہ , فروری 2019

لاهور: ن ليگ جو پنجاب اسيمبلي جي اجلاس جو بائيڪاٽ جاري، ايوان ٻاهران احتجاج

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن پنجاب اسيمبلي جي اجلاس جو اڄ به بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ معطل ميمبرن جي بحالي تائين ان کي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي مسلم ليگ ن جي 6 اسيمبلي ميمبرن جي ايوان ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي رکي آهي ۽ ن ليگ ميمبرن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ تائين اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.  مسلم ليگ ن طرفان اڄ به پنجاب اسيمبلي جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي ۽ اسيمبلي ميمبرن ايوان جي سيڙهين تي ويهي احتجاج ڪيو. مسلم ليگ ن جي ميمبرن پنهنجي معطل ساٿين جي بحالي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيستائين ساٿي ميمبرن کي بحال نه ڪيو ويندو هو ڪارروائي جو حصو نه بڻجندا. مسلم ليگ ن جي ميمبرن جي احتجاج ۾ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ گھحمزه شهباز به شريڪ هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊي ملهائڻ جي خلاف منع نامو…..

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ويلنٽائن ڊي ملهائڻ بابت هاءِ ڪورٽ جي درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے