22 جمعہ , فروری 2019

نيب نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي سزا معطلي جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب نواز شريف، مريم ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا معطلي جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي محمد صفدر جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا جي خلاف اپيل تي 19 سيپٽمبر تي فيصلو ٻڌائيندي ٽنهي جي سزا معطل ڪري آزادي جو حڪم ڏنو هو جڏهن ته نيب طرفان عدالتي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل جو فيصلو ڪيو ويو هو. ميڊيا جي ادارن موجب قومي احتساب بيورو نيب نواز شريف، مريم نواز ۽ محمد صفدر جي سزا معطلي جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو 19 سيپٽمبر وارو فيصلو سپريم وڪرٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو. نيب طرفان داخل اپيل ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ثبوتن جو درست جائزو ناهي ورتو، هاءِ ڪورٽ اپيل سان گڏ سزا معطلي جون درخواستون ٻڌڻ جو حڪم ڏنو هو، هاءِ ڪورٽ پنهنجي ئي حڪم نامي جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي اپيل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال سانحو بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو…..

لاهور(ويب ڊيسڪ)  ساهيوال سانحي جي گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي حتمي رپورٽ ۾ خليل، سندس زال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے