18 جمعرات , اپریل 2019

رپورٽ| مٽياري مان اغوا ٿيل هندو نينگري مونيڪا ڪٿي آهي؟ ڊي آءِ حيدرآباد ان بابت ڇا ٿو ڄاڻي.!! ڏسو هن خبر ۾

مٽياري ايس ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم احمد شيخ چيو آھي ته مونيڪا اغوا ڪيس ۾ ترت وڏي ڪاميابي ملڻ جا امڪان آهن.

هن چيو ته مونيڪا اغوا معاملي ۾ اھم اڳڀرائي ٿي آھي، پوليس درست رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، پوليس جي ڪاڪردگي مطئمن ڪندڙ آھي.

سندس چوڻ هو ته  مونيڪا معاملي بابت اڳڀرائي تي في الحال ميڊيا تي ڪا ڳالهھ ٻولهھ نٿي ڪري سگھجي، ان سان جاچ تي اثر پئجي سگهي ٿو، مونيڪا معاملي ۾ هر ننڍي ڳالهه کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي چيو ته جاچ ۾ انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون ته جيئن انصاف ٿئي، ھن معاملي ۾ ڪنھن سان به ناانصافي نه ٿيندي.

ان موقعي تي ايس ايس پي مٽياري سيد زاھد شاھ، سي آءِ اي انچاج محمد رحيم کوسو ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود ھئا

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڪشمور: هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

*ڪشمور ويجهو ڳوٺ پيرل کوسو جو رھواسي عاطف کوسو نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ ۾ مارجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے