17 ہفتہ , نومبر 2018

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ رهي هو  شڪايتن تي عملي قدم کڻي رهيا آهن.

ملير  جي  يونين ڪائونسل گلشن حديد ۾ روڊ جي تعمير جي افتتاح ڪرڻ  دوارن ميڊيا سان ڳالهائيندي  سلمان عبدالله مراد چيو ته  هو  پنهنجي سياست جي تربيت مان حاصل ٿيندڙ تعليم سان ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود ڪري رهيا آهن، وقت ثابت ڪري رهيو آهي ته سندن اصلاح سان بهتري اچي پئي، جيڪا سندن پلاننگ جي ڪاميابي آهي.

هن چيو ته پراڻي پراجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ سان گڏ نئين پراجيڪٽ جي حوالي سان پلان مڪمل طور تي ترتيب ڏئي چڪا آهن، جنهن ۾ عوام جي خواهشن کي گڏ رکيو ويو آهي جيڪو طرز عمل سندن اداري اختيار ڪيو آهي.

ان موقعي تي چيئرمين سلمان مراد کي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ انجينئر فضل محمود گل چيو ته هدايت کي نظر ۾ رکندي اسڪيم جي شروعات ۽ آخر تائين سائٽ انجنيئر مسلسل فيلڊ ۾ موجود رهيو جنهن ڪري اسڪيم تيزي سان مڪمل ۽ بهتر طريقو اختيار ڪيو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے