17 ہفتہ , نومبر 2018

رپورٽ| اسلام ڪوٽ ڀرسان ماروئڙن جي گهرن کي ڪيئن لڳي باهه؟ فائرگيڊ عملي ڪهڙا کنيا قدم؟ توهان ڄاڻ حيران ٿي ويندا

اسلام ڪوٽ ۽ ڇاڇري ڀرسان ٻن باهه واقعن 24 ڏڪار متاثرن جا گهر سڙي خاڪ ٿي ويا آهن.

ڇاڇرو جي ڳوٺ راوتسر ۾ باھ لڳڻ سبب ڀيل برادري جي رامون، جيٺو ۽ موهن سميت 21 ڄڻن جا گهر سڙي خاڪ ٿي ويا،

باهه سبب گهرن ۾ پيل الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي ويو، فائر برگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد تحت پاڻ باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، پر باهه تي ضابطو نه آيو.

ٻي پاسي اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ جئيندو درس ۾ سهتا برادري جي پورهيتن بچايو، صادق ۽ ممتاز جي گهرن کي باھ وڪوڙي ويئي،نتيجي ۾گهرن ۾ پيل زيور، اناج توڙي سمورو سامان به سڙي خاڪ ٿي ويو.

ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهر سڙڻ کان بچائي ورتو.

هوڏانهن باهه متاثر کلي آسمان هيٺ واهر جي اوسيئڙي ۾ آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے