18 اتوار , نومبر 2018

ڪراچي ۾ سياست ۽ ڏوهن جو ڳٺ جوڙ هو، متحده باني پاڪستان آيو ته گرفتار ڪنداسين: ڊي جي رينجرز سنڌ

لاهور(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جو باني پاڪستان آيو ته کيس گرفتاري ڪري مٿس ڪيس داخل ڪنداسين. تفصيل موجب اهڙن خيالن جو اظهار ڊي جي رينجرز ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪراچي ۾ سياست ۽ ڏوهه جو ڳٺ جوڙ هو، آپريشن جو فيصلو ڪندڙ ليڊر شپ اسان کي ويهاري چيو ته ڪراچي مان ڏوهن کي ختم ڪرڻو آهي. ميجر جنرل محمد سعيد چيو ته عزير بلوچ رينجرز جي ڪسٽڊي ۾ ان وقت هو، جڏهن گرفتار ٿيو، عزير بلوچ جو ڪيس ملٽري ڪورٽ ۾ آهي، ان تي لاڳاپيل اختياريون ئي ٻڌائي سگهن ٿيون. هن چيو ته ڏوهن بابت ڪيترين ئي جي آءِ ٽيز  ۾ حماد صديقي جو نالو موجود آهي، بلديا فيڪٽري ڪيس ۾ گرفتار زبير چريا ۽ رحمان ڀولا جيل ۾ آهن. ڊي جي رينجرز سنڌ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سي پي ايل سي 1995ع ۾ بڻي، ان جو ريڪارڊ اعتبار جوڳو آهي، پر ريڪارڊ کان پهرين ڏسڻو پوندو ته ڪراچي جا مسئلا ڪهڙا هئا هن چيو ته دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ مان 31 هزار ماڻهن جون حياتيون ويون، 1985ع کان 1995ع تائين 21 هزار ماڻهن پنهنجي زندگي تان هٿ کنيا. 1985 کان سيپٽمبر 2013ع تائين گڏيل طور تي 92 هزار ماڻهو مئا. ايڌي، سي پي ايل سي ۽ اسان جو ريڪارڊ گڏايو وڃي ته مارجي ويلن جو انگ اڃان به وڌي ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ 2013 اليڪشن ۾ ٽرن آئوٽ 42 سيڪڙو، جڏهن ته 2018 ۾ 48 سيڪڙو هو، بائيڪاٽ جو فيصلو اثر انداز ناهي ٿيو، رينجرز 2013ع کان سمورين سياسي پارٽين سان رابطن ۾ رهي، پر ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي ۾ ملاقات رينجرز ناهي ڪرائي. هن چيو ته لياري جي عوام گينگ وار جي ڪري ڏاڍو خراب وقت ڏٺو آهي، پر اڄ لياري جي علائقي ۾ ڪرائم ريٽ سڀ کان گهٽ آهي، اليڪشن ۾ ڪنهن کٽيو يا هارايو ان سان تعلق ناهي، پر لياري ۾ سڄي اليڪشن ۾ هڪ به گولي نه هلي. ڊي جي رينجرز سنڌ چيو ته ايم ڪيو ايم جو باني پاڪستان آيو ته کيس گرفتار ڪنداسين، هو ڪيسن کي منهن ڏيئ پوليس کان سواءِ رينجرز وٽ به ڪيس آهن، هوءَ به گرفتار ڪري سگهي ٿي. ميجر جنرل محمد سعيد جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هر مهيني دهشتگردي جا 7 واقعا ٿيندا هئا، سيڪيورٽي ۽ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ، بم ڌماڪا ۽ دستي بم حملا ٿيندا هئا، سياسي ليڊرشپ قانون بنايو ۽ هڪ فورس کي اختيار ڏنا، اِهي اختيار 1992ع ۾ ملي وڃن ها ته 2013ع ۾ ڪراچي جي صورتحال اِها نه هجي ها. ڊي جي رينجرز چيو ته سيپٽمبر 2013ع کان پوءِ کان 14800 کان آپريشنن ۾ 11088 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، 2017ع ۽ 2018 ۾ به ٻه ٻه هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو گرفتار ٿيا. ڪراچي آپريشن دوران ڪيترائي ماڻهو پرڏيهه ڀڄي ويا ۽ روپوش ٿي ويا. هن چيو ته 2017 ۽ 2018 ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڪير به مارجي ناهي ويو، 2017 ع ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جا 30 واقعا ٿيا جيڪي حل ڪيا ويا، اغوا جي ڪوڙن واقعن جي سوشل ميڊيا تي گهڻي پروپيگنڊا ڪئي وئي. هن چيو ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال رڳو ٻن ٻارن جي اغوا وارو معاملو حل ناهي ٿيو، چاقو بردار شخص کي نه پڪڙڻ اسان جي ۽ پوليس جي ناڪامي آهي، پر امن امات جي صورتحال گذريل 5 سالن کان بهتر ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عامر تاثر آهي ته پوليس ۾ ڀرتيون سياسي بنياد تي ٿينديون آهن، پر ڪراچي ۾ جيتري ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار پوليس ٿي آهي اوترا شهري ناهن ٿيا، سوسائٽي کي پوليس سان گڏ هئڻ گهرجي ۽ سهڪار ڪرڻ گهرجي. اسٽريٽ ڪرائم ختم ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوليس کي آءِ ٽي شعبي ۾ بهتر بڻائڻو پوندو. هن چيو ته اومني گروپ جي آفيس تي ڇاپو هٿيارن جي اطلاع تي هنيو ويو، هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ ڇاپا پوليس هڻندي آهي رينجرز کي رڳو اسڪواڊ ۾ رکيو ويندو آهي، پر رينجرز جي موجودگي مان تاثر ڏنو ويندو آهي ته رينجرز ڇاپو هنيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ ۾ قبرستان جهڙي خاموشي اختيار ڪئي ته ملڪ نه هلندو: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے