20 منگل , نومبر 2018

آصف زرداري جي فضل الرحمان سان ملاقات، حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت سان نه ڳالهائيندس، جيڪڏهن ٺاهه ڪرڻو هجي ها ته پرويز مشرف جي دور ۾ بهتر هو. رپورٽن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس گهر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حڪومتي پاليسين خلاف اپوزيشن جي گڏيل حڪمت عملي واضح ڪرڻ تي اتفاق سان گڏوگڏ حڪومت خلاف ٺهراءَ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي فضل الرحمان پ پ جي شريڪ چيئرمين کي نواز شريف سان ملاقات جي صلاح ڏيندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ توهان جي اڳوڻي وزيراعظم سان ملاقات ضروري آهي. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت هلندي نظر نٿي اچي، حڪومت سان نه ڳالهائيندس، ڇو ته جيڪڏهن ٺاهه ڪرڻو هجي ها ته پرويز مشرف جو دور بهتر هو. هن چيو ته 10 سال جمهوريت لاءِ گڏجي ڪم ڪيو، اسان جي سدائين ڪوشش رهي آهي ته غير جمهوري طاقتن کي موقعو نه ملي، هن وقت به جمهوريت جي بقا لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون پر هاڻ اسان کي جمهوري طاقتون ڪمزور نظر اچي رهيون آهن، تنهن ڪري لائحا عمل طئي ڪرڻو پوندو. اڳوڻي صدر چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ سڀني سياسي پارٽين سان رابطا ڪري رهيا آهيون، عدم اعتماد جي ڳالهه به سڀني سامهون رکنداسين، حڪومت خلاف عدم اعتماد جي حوالي سان وقت ٻڌائيندو پر اسان جو مقصد حڪومت کي ڪيرائڻ نه، جمهوريت جي رستي تي هلائڻ آهي ۽ اهو ضروري به ناهي ته حڪومت ڪيرايو وڃي، سڀني جو موقف آهي ته گڏجي هلجي. جي يو آءِ ف جي سربراهه فضل الرحمان چيو ته متفق آهيون اپوزيشن گڏجي هڪ موقف اختيار ڪري ۽ اسان سڀني جو بنيادي موقف آهي ته جمهوريت کي ڪوڙو مينڊيٽ حاصل آهي، اپوزيشن گڏجي مستقبل جي حوالي سان لائحا عمل تيار ڪندي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪرائي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا کي اسان جون قربانيون تسليم ڪرڻ گهرجن: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے