21 بدھ , نومبر 2018

جسٽس انوار الحق لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس انوار الحق کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد ياور جي ريٽائرمنٽ بعد جسٽس انوارالحق جي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس انوار الحق سڀاڻي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو جنهن کان پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس ۾ حلف وٺندو. ٻئي پاسي صدر 6 ايڊيشنل ججن کي به لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفيڪشن موجب جسٽس مجاهد مستقيم احمد، جسٽس اسجد جاويد غرال، جسٽس طارق سليم شيخ، جسٽس جواد حسن، جسٽس مزمل اختر شبير ۽ جسٽس چوڌري عبدالعزيز لاهور هاءِ جا جج هوندا. ملڪ جي صدر لاهور هاءِ ڪورٽ جي لاءِ 8 ايڊيشنل جج به مقرر ڪري ڇڏيا آهن جنهن ۾ انوار الحق، فاروق حيدر، شڪيل الرحمان خان، محمد وحيد خان، احمد رضا، رسالت حسن، عاصم حفيظ ۽ صادق محمود خرم شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي لاءِ 8 ايڊيشنل ججن جي مقرري هڪ سال لاءِ ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے