21 پیر , جنوری 2019

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي سندس بيان ريڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي به عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي. راولپنڊي جي علائقي اسڪيم ٿري ۾ سرڪاري آفيسر ۽ سندس گهرواري جي مبينا تشدد جي شڪار 11 سالن جي ملازم ڪنزيٰ کي بيان قلمبند ڪرائڻ جي لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ننڍڙي ملازم کي چائلڊ پروٽيڪشن بيورو آفيس مان راولپنڊي عدالت پهچايو ويو. سول جج سمير  عالمگير جي عدالت ۾ ننڍڙي گهرو ملازم جو بيان قلمبند ٿيڻ بعد ٻارڙي کي هڪ ڀيرو ٻيهر چائلڊ پروٽيڪشن بيرو جي حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي ٻارڙي تي مبينا تشدد جي جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت به حاصل ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جي طبيعت بابت آگاهه نٿو ڪيو وڃي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے