18 جمعرات , اپریل 2019

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي ته غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪاررواين ۾ سهڪار ڪيو وڃي. چيف جسٽس سان آبي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا ملاقات ڪئي، جيڪا ميان ثاقب نثار جي چيمبر ۾ ٿي. چيف جسٽس آبي ذخيرن جي حوالي سان کنيل قدمن تي فيصل واوڊا جي واکاڻ ڪندي چيو ته وفاقي وزير جو ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. ميان ثاقب نثار چيو ته پاڻي چوري ۽ ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪنداسين، جيڪو ڪم 15 ۾ ٿيڻ گهرجي ها اهو 15 ڏينهن ۾ ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ايڪشن اڻٽر ٿي ويو آهي، صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرٽنس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسد عمر ناڻي واري وزارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تونائي واري وزارت قبولڻ کان انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر عهدو ڇڏڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے