18 جمعرات , اپریل 2019

زالن طرفان مڙسن کي طلاق ڏيڻ وارو ڪو به نڪاح نامو غور هيٺ ناهي: اسلامي نظرياتي ڪونسل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪونسل جو چوڻ آهي ته اهڙو ڪو به نڪاح نامو غور هيٺ ناهي جنهن ۾ زالون مڙسن کان طلاق وٺي سگهن ٿيون. تفصيل موجب اسلامي نظرياتي ڪونسل ميڊيا تي هلندڙ خبر تي وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته ڪونسل ۾ اهڙو ڪو به نڪاح نامو غور هيٺ ناهي جنهن ۾ زالون مڙسن کي طلاق ڏئي سگهن ٿيون. اسلامي نظرياتي ڪونسل موجب اهڙي نڪاح نامي ۽ طلاق نامي تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن جي ٻولي آسان هجي، عائلي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قرآن ۽ سنت جي حڪمن موجب شفون شامل ڪيون وينديون ۽ نون ڪاح نامن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ کي يقيني بڻائڻ ۽ نڪاح ۽ نڪاح خوان ماڻهن جو ڪردار موثر ۽ دستاويز بڻائڻ واري تجويز به غور هيٺ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسد عمر ناڻي واري وزارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تونائي واري وزارت قبولڻ کان انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر عهدو ڇڏڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے