17 ہفتہ , نومبر 2018

سوات جا انتظامي معاملا 11 ورهين کانپوءِ سول انتظاميا حوالي

سوات (ويب ڊيسڪ) عسڪري قيادت خيبر پختونخواهه جي شهر سوات جا انتظام 11 ورهين کانپوءِ سول انتظاميا کي ڏئي ڇڏيا. ان حوالي سان ٿيل هڪ تقريب ۾ ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان، جي او سي ميجر جنرل خالد سعيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي محمود خان چيو ته دهشتگردن سوات جا تدريسي ادارا تباهه ڪيا ۽ هزارين ماڻهن کي شهيد ڪيو، امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج، پوليس ۽ عوام وڏيون قربانيون ڏنيون، اسان عوام جي چهرن تي مُرڪون موٽائڻ تي پاڪ فوج جا ٿورائتا آهيون. جي او سي ميجر جنرل خالد سعيد چيو ته سوات جي عوام حب الوطني ۽ بهادري جو مثال ڏنو، ڪجهه عرصو اڳ هتي دهشتگردن ظلم جي بازار گرم ڪري ڇڏي هئي پر پاڪ فوج جي آپريشن دوران عوام اسان سان گڏ بيٺل رهيو. سندس چوڻ هو ته آپريشن ۾ پاڪ فوج جي 3 سئو، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي 150 ۽ پوليس جي 2 سئو جوانن قربانيون ڏنيون، امن لاءِ پاڪ فوج بحالي جي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس پنجاب هيلٿ ڪيئر بورڊ آف ڪميشن کي ختم ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب هيلٿ ڪيئر بورڊ ڪيمشن کي ختم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے